وڏن مارڪيٽن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرا فعال ڪريو

وڏن مارڪيٽن ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرا فعال ڪريو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڊپٽي ڪمشنر ڪراچي ڏکڻ، عبدالستار عيساڻي چيو آهي ته ضلعي جي وڏن شاپنگ سينٽرن جي رستن تي غير قانوني پارڪنگ ختم ڪئي وڃي ۽ ٽرئفڪ جي اچ وڃ ۾ ڪا به رنڊڪ نه هجڻ گهرجي. اهڙو اظهار هن تازو ٿيل دهشتگردي جي واقعن جي تناظر ۾ سڏايل اهم اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ پوليس، ٽريفڪ پوليس انتظاميه، ڪي ايم سي، ڊي ايم سي ۽ ٽريڊ ايسوسيئيشن جي اڳواڻن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڏکڻ ضلعي ۾ دهشتگردي جي تازي واقعن کي نظر ۾ رکندي مارڪيٽن، شاپنگ سينٽرن جي پارڪنگ ۽ سيڪيورٽي جو جائزو ورتو ويو. عبدالستار عيساڻي چيو ته غير قانوني پارڪنگ مافيا جي خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ان سلسلي ۾ 8 ماڻهن کي گرفتار ڪري انهن جي خلاف قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ضلعي جي مختلف شاپنگ سينٽرن ۽ مارڪيٽن جي ٻاهران پوليس جو انگ وڌايو وڃي ۽ سادي لباس ۾ اهلڪار مقرر ڪيا وڃن ۽ واپاري تنظيمون ضلعي انتظاميه سان تعاون ڪن. ڊي سي لاڳاپيل عملي کي هدايت ڪندي چيو ته سڀني سي سي ٽي وي ڪيمرائن کي فعال بڻايو وڃي. شاپنگ مال انتظاميا انٽري گيٽ تي چيڪنگ جا انتظام موثر بڻائي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو