شھدادڪوٽ ( ڊ ر ) شھدادڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سياسي سماجي اتحاد جي سڏ تي احتجاج نعريبازي، شهر ۾ وڌندڙ بدامني خلاف سياسي، سماجي اتحاد جي سڏ تي شهر جي مختلف سياسي، سماجي، مذهبي تنظيمن جي اڳواڻن وزير کوسو، شيعااڳواڻ سيد حسن علي شاه، حاجي خان ڀٽو، ايس يو پي جي آصف مگسي، پير بخش ڀٽي، ايس ٽي پي امداد سومرو، شهري اتحاد صدر وھاب پندراڻي، سردار مگسي، قاسم سومرو، احمد نواز بروھي، وڏيرو نصر الله ساسولي، انيل ڪمار گرناڻي، اصغرشيخ، نور احمد مگسي، ناھيد کھاوڙ، ذوالفقار سيلرو ۽ ٻين ھٿن ۾ بينر پلي ڪارڊ کڻي ڪوٽوموٽو چوڪ تي احتجاجي مظاهرو ڪري علامتي بک ھڙتال ڪئي ۽ پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪري شھر ۾ امن ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو. ان موقعي اڳواڻن ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته شھر ۾ امن جو پکي اڏامي ويو آهي ۽ شھر ۾ اسٽريٽ ڪرائيم سميت موٽرسائيڪلن ۽ موبائل فونن جي چورين ڦرن ۾ اضافو ٿي ويو آهي شھر ۾ وڌندڙ بدامني سبب شھري ۽ واپاري اڳواڻ پريشاني ۾ وٺجي ويا آهن هنن پوليس مٿان الزام ھڻدي چيو ته پوليس چورن ۽ ڦورن جو ساٿاري ۽ ٻٽ بڻيل آهي جنهن ڪري ڦورو سري عام شھرين کان ھٿيارن جي زور تي موٽرسائيڪلون ۽ موبائل فونن سميت لکين روپيا روڪ رقم ڦر ڪري آساني سان فرار ٿي وڃن ٿا ۽ چاٻي چور روزانو 5 کان 6 موٽرسائيڪلون چوري ڪري وڃن ٿا شھرين پي پي ايم پي اي مير نادر مگسي، آئي جي سنڌ، ڊي آئي جي لاڙڪاڻو کان مطالبو ڪيو ته شھدادڪوٽ ۾ وڌندڙ بدامني جو نوٽيس وٺي شھرين کان ڦر ٿيل پئيسا، موٽرسائيڪلون ۽ موبائل فونون واپس ڪرائي شھر ۾ امن قائم ڪري شھرين ۾ پکڙيل بيچيني ختم ڪري شھرين کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي.










