ويلنٽائن ڊي، سنڌ ۾ انائن جي بارگاھن ۾ ٻليدان ٿيندڙ محبتون

ويلنٽائن ڊي، سنڌ ۾ انائن جي بارگاھن ۾ ٻليدان ٿيندڙ محبتون

تحريرـ ڪاشف نوراني

سکي هوا ۾ هڳاءُ آهي، گلي گلي گيت ٿي وئي آ،

پيا بنا ننڊ ڪيئن ايندي، بسنت رت جو بي چئي آ.

سڄي دنيا ۾ محبت جو عالمي ڏھاڙو ملھايو پيو وڃي,اڄ محبتي جوڙا ھڪٻئي سان محبتون ونڊيندا,ھڪ ٻئي سان پيار جو پچارون ڪندا,ھڪٻئي کي گلن ۽ چاڪليٽن جا تحفا ڏيندا ۽ سڄو سڄو ڏينھن گڏ گذاريندا. اسن جنھن معاشري ۾ رھون ٿا اتي محبت اسان لاء صرف ھڪ خواب بڻجي وئي آھي.اسان تـ اھڙي سماج ۾ رھون ٿا جنھن ۾ جون لينن جي چوڻي موجب تـ “اسان ھڪ اھڙي سماج ۾ رھون ٿا,جتي محبت تـ لڪي ڪرڻي پوي ٿي پر تشدد,جھيڙا ۽ نفرتون سرعام ڪندا آھيون”. ڌرتي ۽ سرتيءَ جي عشق ۾ وڏو ڪمال سمايل هوندو آهي، جنهن ۾ موت جو خوف اصل بيمانائتو ۽ ختم ٿي ويندو آهي، ۔عاشقن جي راهن ۾ جيتريون پابنديون ۽ سختيون اينديون آهن، اوترو ئي ان ازلي عشق جي ڪشش وڌندي رهندي آهي، نگاه ۽ قدم صرف منزل مقصود تي هوندي آهي. جتي پيار گناهه نه ھجي، جتي سمنڊ جي ڪناري تي هلندڙ جوڙي کي عجيب نگاهن سان نه ٿو ڏٺو وڃي ۽ جتي پارڪ جي بئنچ تي ويٺل ڇوڪري ۽ ڇوڪريءَ کان سندن رشتن جي پڇا نه ٿي ڪئي وڃي ۽ جتي ڇوڪريون پنهنجي محبوبن کي ”ڀاءُ“ چئي متعارف ڪرڻ واري اذيت نٿيون ڀوڳين ۽ ٻيا انهيءَ دنيا کي برقرار رکڻ لاءِ وڙهي رهيا آهن، جتي پيار ممنوع آهي، جواني جرم آهي ۽ خواب گناهه آهن. جتي پيار کي انائن جي بارگاهه ۾ بليدان ڪيو ويندو آهي ۽ جتي محبتون قبائلي سردارن جي اجازت سان ڪبيون آهن. دنيا بس اهڙن ٻن قسمن جي ماڻهن ۾ ورهايل آهي ۽ جنهن پيار جي وصف سان دنيا ۽ دنيا جي ماڻهن جي سڃاڻپ ٿئي ٿي، سو پيار ڇا آهي؟ ڀلا انهيءَ ۾ ڪهڙي طاقت آهي، جو پهاڙ جهڙا ماڻهو ميڻ جي ٺهيل محبوبن جي گرم ساهن ۾ وگهرجيو وڃن. آخر انهيءَ ۾ ڪهڙي ڪشش آهي، جو هڪ نگاهه جي اشاري تي صدين جا رشتا، هزارن سالن جون سڃاڻپون ۽ ازل جا واسطا پل کن ۾ ٺهيو پون ۽ ٻيا سڀ رشتا بي معنيٰ ٿيو پون. آخر ڪهڙو راز آهي، جو ماڻهو پنهنجو وجود عشق جي باهه ۾ ساڙي ڀسم ڪريو ڇڏين، پنهنجون شناختون مٽايو ڇڏين؟ آخر ڪهڙي قوت آهي، جو ڏاهي کان ڏاهو ماڻهو عقل جو لباس، پيار جي بي لباسي پهري، مستيءَ ۾ سرمست آهي! ڪجهه ته آهي، پر ڇا آهي؟ جسم جي بک آهي يا روح جي پياس؟ پنهنجي تڪميل آهي يا پاڻ کي فنا ڪرڻ آهي؟ ڪنهن کي حاصل ڪر ڻ يا پاڻ کي وڃائڻ آهي؟ صدين جو سودو آهي يا لمحن جو حساب؟ تڙپ آهي يا سڪون آهي؟ ڳولڻ آهي يا لهڻ؟ خير آهي يا شر آهي؟ ڇا آهي هي عشق؟ ڪهڙي رمز آهي پيار ۾؟ شايد اهو سڀ ڪجهه آهي يا ڪجهه به نه آهي. جيڪي سمجهن ٿا عشق رڳو روحاني رشتو آهي، سي برفيلن جسمن جي گرم هٿن ۾ پگهرڻ واري وجد کان واقف نه آهن. جيڪي عشق کي رڳو ڪجهه حاصل ڪرڻ واري راند سمجهن ٿا، سي پاڻ وڃائڻ واري سرور کان محروم آهن. جن لاءِ عشق رڳو پنهنجي تڪميل آهي، تن فنا واري مزي کان پاڻ کي پري رکيو آهي. عشق تڏهن ئي آهي، جڏهن توهان جسمن جي ذريعي روحاني رمزن تائين پهچو. جڏهن سڀ ڪجهه حاصل ڪرڻ واري سوچ ۾ هر شئي وڃائي ڇڏيو ۽ تڪميل واري آرزو ۾ پاڻ پنهنجو وجود فنا ڪري ڇڏيو، تڏهن شايد عشق جي خبر پوي. عشق جو طعام پچائڻ لاءِ روڳ کپي ۽ جوڳ کپي، ساهه کپي ۽ ويساهه کپي، جوش کپي ۽ مدهوشي کپي، آڳ کپي ۽ آلاپ کپي ۽ جيڪر ڪا شئي نه کپي، سا آهي هوش، عقل، سمجهه، دليل، منطق ۽ ڏاهپ. جنهن هار ۽ جيت جا حساب رکيا، جنهن صحيح ۽ غلط جا دليل ڏنا، جنهن ماضي ۽ مستقبل کي آڏو رکيو، سو ڪٿي ٿو عشق ڪري سگهي! پر شايد عشق کي سمجهڻ جي به ضرورت نه آهي. عشق کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي سين، ته ٿي سگهي ٿو ته ڪڏهن انهيءَ جي ويجهو بہ نه اچي سگهون.

پيار کي ملهائڻ لاءِ هڪ ڏينهن ئي ڇو؟ ڇا سڀ ڏينهن پيار جا ڏينهن نه ٿا ٿي سگهن؟ اهو شايد انهيءَ ڪري جو سال جا باقي ڏينهن نفرت جا ٿي پيا آهن، هر روز، ڪو خودڪش ڌماڪي ۾، ڪي ماڻهو ماري ٿو. هر روز ڪو ميزائل ڪيرائي آباديون اجاڙي ٿو. هر روز قبائلي جهيڙن، قومي تڪرارن، مذهبي فسادن، طبقاتي ويڙهاندن، نظرياتي جنگين، ذاتي دشمنين، معاشي رقابتن ۽ سماجي ٽڪرائن ۾ رڳو نفرتون راڄ ڪن ٿيون. هر روز فضا ۾ بارود جي بوءِ اچي ٿي، ڪو هڪڙو ڏينهن به ڪڍجي، جو ماحول ۾ گلن جي مهڪار ٿئي. هر روز سڏڪن سان آسمان لرزي ٿو، ڪو هڪڙو ڏينهن ته ٽهڪن سان گونجڻ کپي. هر روز موت تي سوڳوار آهيون، ڪو هڪڙو ڏينهن ته زندگيءَ جو جشن ملهايون. هر روز تاريڪي پنهنجي ڀاڪر ۾ اسان کي ڀري ٿي، ڪنهن هڪ ڏينهن ته ڪنهن جي ڳلن جي لالاڻ سان افق منور ڪريون. هڪڙو ڏينهن ته سال ۾ پيار جو به هئڻ گهرجي. نفرتن جي 364 ڏينهن جي وچ ۾ پيار جو جشن انهيءَ ڪري به ملهائڻ گهرجي، جو هاڻ مستقبل ۾ پيار شايد انهيءَ صورت ۾ نه رهي، جنهن ۾ اسان جي نسل ۽ انهيءَ کان اڳ وارن نسلن انهيءَ کي محسوس ڪيو آهي. اسان وارن نسلن، پيار کي پنهنجون عمريون ڏنيون آهن. جڏهن ڳاڙهن ٻيرن جي رت ايندي آهي، جوان دلين ۾ پيار پلجڻ شروع ٿيندو آهي، تڏهن ڪائي اپسرا پنـﻫـنجي پوتيءَ جي پاند کي ڪنڌ موڙي مرڪي ڏسندي آهي؛ ته ان مـﻫـل سندس من اندر ۾ محبت جا ڏيئا ٻرڻ لڳندا آهن. اهڙي پل سندس چيلـﻫـ جو هڪ موڙو ۽ چپن تي تري آيل مرڪ، سندس اندر جو ااظهار هوندو آهي. ان سمي ڌرتيءَ تي کڄندڙ سندس هر قدم ڪنـﻫـن زلزلي کان گھٽ ناهي هوندو. انـﻫـن البيلين دلين کي ڪنـﻫـن ڏهاڙي جو انتظارنه هوندو آهي. انهـن لاءِ هر موسم پيار جي ۽ هر ڏهاڙو پيار جو ڏڻ هوندو آهي

پيار اعتبار ۽ خادميءَ جو نالو آهي. اعتبار جيڪو اکيون ٻوٽي ڪبو آهي. ان جي ڪري ئي ته پريمي چون ٿا ته پيار انڌو هوندو آهي پر رڳو پيار وارائي ڄاڻين ٿا ته عشق کي ويھ اکيون هونديون آهن. پيار ڪنھن رت، ڏهاڙي جو محتاج ناهي. ڀلا پيار جي پهرين پل ۾ ورتل پهرين چميءَ کي اڄ تائين ڪو پريمي وساري سگھيو آهي.؟ هي اهو پل هوندو آهي جنهن پل عاشق جي دل ۽ دماغ جون سڀ اکيون کلي پونديون آهن ۽ هر اک ۾ صرف هڪ ئي چهروهوندو آهي جيڪو سندس پرينءَ جو هوندو آهي.ان لمحي کيس ڪنهن موسم جو احساس به نه هوندو آهي. اڄ جو ڏينھن اسان لاءِ شاھ لطيف جي امن جو پيغام کڻي آيو آھي,اڄ جو ڏينھن اسان کي سچل جي واٽ تي ھلڻ جي تاڪيد ڪرڻ آيو آھي ۽ اڄ جو ڏينھن اسان کي انسانيت جي وجود جو مقصد سمجھائڻ آيو آھي تـ توھان انسانن جو مقصد ھن دنيا ۾ محبتون ۽ پيار پکيڙڻ آھي. اڄ جي دؤر ۾ ڏٺو وڃي تـ تمام گھڻا الميا نظر اچي رھيا آھن.انھن مان ھڪ الميو اھو بـ آھي تـ ھن سماج ۾ محبت ۽ مثبت سوچ جو خاتمو ٿي چڪو آھي.ماڻھو محبتون وساري ويٺا آھن ۽صرف ۽ صرف پنھنجي دلين ۾ نفرتن جا انڀار پالي رھيا آھن ۽ نفرتن جو عروج آھي جنھن ڪري روزاني اڻڳڻيا مسئلا درپيش اچن ٿا.سوشل ميڊيا تي نظر ڊوڙائبي تـ ھزارين ھانٔ ڏاريندڙ واقعا اکين آڏو اچن ٿا,ڪڏھن ڪنھن بي گناھ جي خون جي خبر پوي ٿي تـ ڪڏھن معصوم رمشا جو بي گناھ قتل ٿيڻ جي خبر شايع ٿيل آھي ايتري تائين جو ڀاء جو ڀاء کي قتل ڪرڻ جو خبرون بـ روزاني جو معمول بڻجي چڪيون آھن ۽ پٽ بـ پئ جو قاتل ٿي ويو آھي.انھن سڀني براين جو آخر سبب ڇا آھي؟ ھونئن تـ اڄ جو دؤر ٽيڪنالاجي جي عروج جو دؤر ڪوٺيو وڃي ٿو,واقعي ٽيڪنالاجي عروج تي آھي پر سماج ۾ براين جو بـ عروج آھي. پر اڄ  جي دؤر کان ھزار سال پھرين جي ڳالھ ڪجي تـ ھيڪر اھو دؤر محبتي ۽ شانتي جو دؤر ھوندو.ان دؤر ۾ ماڻھون ھڪٻئي سان روح رھاڻيون ڪندا ھئا,ھڪٻئي سان محبتون ونڊيندا ھئا ۽ مچ ڪچھريون ڪري امن,شانتي ۽ محبتن جي واکاڻ ڪندا ھئا ۽ پنھنجي نئين نسل کي شاھ جي شاعري ۾ سمايل سبق تي ھلڻ جي تلقين ڪندا ھئا ۽ پيار ۽ محبت وارو درس ڏيندا ھئا جنھن جي نتيجي ۾ نئون نسل بـ محبت ۽ شانتي جو قائل بڻجي پوندو ھو. پر اڄ ٽيڪنالاجي جي عروج جي دؤر ۾ اسان جو نئون نسل صرف سگريٽ نوشي ڪندي ۽ پيڪيجن جي معرفت موبائل تي ھيپي آورس دوران رلندي نظر اچي ٿو. جنھن جو نتيجو صرف براين کانسواء ڪجھ ناھي. شاھ لطيف جھڙا شاعر بـ ان دؤر ۾ پيدا ٿيا ھئا، سچل جھڙي پيار جي پارکوئن جو جنم بـ ان دؤر ۾ ٿيو ھو,سسئي پنھون جو قصو بـ ان دؤر جو آھي، مومل راڻو بـ ان دؤر جا عاشق ۽ معشوق آھن ۽ ليلا ۽ مجنون بـ ان ٽيڪنالاجي جي عروج کان وانجھيل دؤر جا قصا آھن جنھن مان ثابت ٿئي  ٿو تـ ھزار سال اڳ جيڪڏھن ٽيڪنالاجي جو عروج نـ ھيو تـ محبتن جو عروج ضرور ھو.

اڄ جي دؤر انسانن کي ڇا ٿيو آھي جو ھنن محبت لفظ جو وجود ۽ احساس ئي ختم ڪري ڇڏيو آھي! صرف نفرتون ۽ ويڇا وڌائڻ  ۾ رڌل آھن.

جنھن جي من ۾ محبت ھوندي آھي ۽ جنھن جا سينا ڪپت کان آجا ھوندا آھن، انھن سان تـ ڪو حساب ئي نـ ھوندو آ. سو اچو ته گلوبلائيزيشن جي هنن ڏينهن ۾ محبت جو جشن پراڻن ڏينھن جيان ملهائي وٺون. انهيءَ کان اڳ جڏهن محبوب جي ڏنل چاڪليٽن جو ذائقو ۽ مساڪ جو رنگ ڦٽي وڃي ۽ آر سان نالا ۽ دليون ڀريل رومال ڦاٽي پون، انهيءَ کان اڳ جو ڏنل گلابن جون محفوظ ڪيل پنکڙيون ٺوٺ ٿي هوائن ۾ اڏامي وڃن، انهيءَ کان اڳ جو خوشبوءِ جو واس وڃائجي وڃي، انهيءَ کان اڳ جو مليل هٿ ڇڏائجي وڃن، انهيءَ کان اڳ جو دٻيل ٽهڪ گم ٿي وڃن. انهيءَ کان اڳ جو اسان کان هڪ ٻئي جا نالا به وسري وڃن، اچو ته پيار جو ڏينهن ملهائي وٺون…….

justkashif88@admin

پهنجو تبصرو موڪليو