ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ: پاڪستان جو 3 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنسون

ويسٽ انڊيز خلاف ٽيسٽ: پاڪستان جو 3 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنسون

ڪراچي (رپورٽر): ويسٽ انڊيز خلاف کيڏي ويندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ جي ٻئي ڏينهن پاڪستاني ٽيم پنهنجي پهرين اننگز ۾ پُرعزم بيٽنگ ڪندي راند جي پڄاڻي تائين 3 وڪيٽن جي نقصان تي 199 رنسون ٺاهي ورتيون آهن. پاڪستاني ڪپتان شان مسعود شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 88 رنسن تي ناٽ آئوٽ آهي ۽ سنچري جي ويجهو پهچي چڪو آهي، جڏهن ته سلمان علي آغا اڃا کاتو کولڻ کانسواءِ ڪريز تي موجود آهي. تفصيل موجب، پاڪستان جي اننگز جي شروعات مايوس ڪندڙ هئي ۽ رڳو هڪ رن جي مجموعي اسڪور تي اوپنر اذان اويس ٻُڙي (زيرو) تي آئوٽ ٿي ويو. ان کانپوءِ امام الحق ۽ شان مسعود ذميواراڻي بيٽنگ ڪندي ٽيم کي سهارو ڏنو ۽ ٻنهي جي وچ ۾ 155 رنسن جي پارٽنرشپ قائم ٿي. امام الحق 63 رنسون ٺاهي پڪڙجي پيو، جنهن بعد ڪپتان بابر اعظم به رڳو 23 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. ان کان اڳ، راند جي ٻئي ڏينهن ويسٽ انڊيز جي پوري ٽيم لنچ کانپوءِ پهرين اننگز ۾ 311 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي هئي. پاڪستان طرفان فاسٽ بالر محمد علي چار ۽ تجربيڪار محمد عباس ٽي وڪيٽون وٺي ويسٽ انڊيز جي بيٽنگ لائن کي وڌيڪ اسڪور ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.

پهنجو تبصرو موڪليو