اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته وفاقي سرڪار معاهدن جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي،اسلام آباد ۾ غير رسمي طور ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وفاق ۾ نه عزت ملي رهي آهي ۽ نه وري عزت جي سياست ڪئي پئي وڃي،طئه ٿيو هو ته پي ايس ڊي پي صلاح مشوري سان تيار ڪيو ويندو،حڪومت اعتماد ۾ وٺڻ کانسواءِ ئي ڪئنال ٺاهڻ جي منظوري ڏني آهي، ڪئنال ٺاهڻ تي جيڪو طريقو اختيار ڪيو ويو ته درست ناهي،پارٽي چيئرمين طور سي اي سي کي صورتحال کان آگاهه ڪندس،جوڊيشل ڪميشن مان احتجاجي طور الڳ ٿيو آهيان،حڪومت کان ناراض ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي ،سياست عزت لاءِ هوندي آهي، ناراضگي لاءِ نه هوندي آهي ،حڪومت آئيني ترميمن وقت ڪيل ڳالهين تائين ڦري وئي آهي،دنيا ۾ حڪومت پنهنجي اتحادين سان واعدن تي عمل ڪندي آهي،جوڊيشل ڪميشن ۾ هجان ها ته ججن ۾ فرق تي ڳالهايان ها انصاف جي سڀ کان وڏي اداري ۾ برابري جي نمائندگي گهرجي سنڌ سان بار بار فرق ۽ الڳ سلوڪ نظر اچي رهيو آهي وڏي وزير کي چيف جسٽس سان رابطي جي هدايت ڪئي آهي هڪ ملڪ ۾ ٻه نظام نه ٿا هلي سگهن،مان سمجهان ٿو ته اتفاق راءِ جا مختلف طريقا ٿي سگهن ٿا










