وزيراعظم ۽ حنا رباني کر  جون آمريڪا بابت ٿيل اهم ڳالهيون ليڪ

وزيراعظم ۽ حنا رباني کر جون آمريڪا بابت ٿيل اهم ڳالهيون ليڪ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر ۽ پرڏيهي پاليسي بابت معاون جي وچ ۾ ٿيل اهم ڳالهه ٻولهه جو رڪارڊ ليڪ ڪيو ويو آهي. ڊسڪارڊ ليڪس دستاويزن ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ حنارباني خرڪي وچ ۾ آمريڪا سان لاڳاپن تي ڳالهه ٻولهه سامهون آئي آهي. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ موجب پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف جي ڳالهه ٻولهه روس يوڪرين تڪرار تي گڏيل قومن ۾ ووٽنگ سان لاڳاپيل آهي. هڪ معاون وزيراعظم شهباز شريف کي صلاح ڏني ته قرارداد جي حمايت ڪرڻ سان پاڪستان جا روس سان واپار ۽ توانائي جا معاهدا خطري ۾ پئجي سگهن ٿا ۽ قرارداد جي حمايت ڪرڻ پاڪستان جي موقف ۾ تبديلي جو تاثر ڏيندو. ليڪ ٿيل دستاويزن موجب حنا رباني کر چيو ته پاڪستان کي اولهه کي خوش ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گهرجي.پاڪستان جي آمريڪا سان اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ برقرار رکڻ جي خواهش چين سان اصل اسٽريٽجڪ پارٽنرشپ جا سمورا فائدا قربان ڪندي.واشنگٽن پوسٽ موجب پاڪستاني عملدارن ليڪ ٿيل دستاويزن تي تبصرو ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪي اخبار واشنگٽن پوسٽ يوڪرين ۾ آمريڪي جنگ لاءِ عالمي حمايت ۾ گهٽتائي بابت رپورٽ ڪري ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو