اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان پهرين آڪٽوبر کان پيٽرول جي قيمت ۾ 2 روپيا في لٽرگهٽتائي وزري تجويز رد ڪري ڇڏي 104 روپيا في لٽر پيٽرول جي قمت برقرار رکي ويندي. جڏهن ته ڊيزل جي اگهن ۾ 2 روپيا 40 پيسا في لٽر قيمت گهٽ ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. تيل ۽ گيس جي قيمتن کي ريگوليٽ ڪندڙ اداري اوگرا پيٽرول جي قيمت ڏيڍ رپيو في لٽر ۽ ڊيزل 2 رپيا في لٽر سستو ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي. ان ڏس ۾ سمري پيٽروليم ڊويزن ڏانهن اماڻي وئي هئي.










