واٽس ايپ پاران اڪائونٽ محفوظ بنائڻ لاءِ نئون فيچر متعارف

واٽس ايپ پاران اڪائونٽ محفوظ بنائڻ لاءِ نئون فيچر متعارف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) فيس بڪ جي ميسيجنگ ايپ واٽس ايپ صارفين جي اڪائونٽ کي وڌيڪ محفوظ بنائڻ جي لاءِ جلد ئي هڪ زبردست فيچر متعارف ڪرائڻ وارو آهي.ٽيڪنالوجي ويب سائٽ ويب بيٽا ۾ شايع ٿيندڙ رپورٽ موجب واٽس ايپ او ٽي پي(ون ٽائم پاس ورڊ) جي نالي تي ٿيندڙ ڌوڪو ڏيندڙن کان تحفظ فراهم ڪرڻ جي لاءِ هڪ نئين فيچر تي ڪم ڪري رهيو آهي جنهن کي فليش ڪال جو نالو ڏنو ويو آهي.هن نئين فيچر جي بدولت هاڻ صارفين کي پنهنجي اڪائونٽ جي تصديق جي لاءِ ڇهن انگن تي ٻڌل سيڪيورٽي ڪورڊ جي ضرورت نه پوندي. پر هي فيچر خودڪار طريقي سان صارف جي فون نمبر جي تصديق ڪندو. پر فليش ڪال فيچر جي لاءِ استعمال ڪيل واٽس ايپ کي فون ڪال جي لاگ تائين پهچ ڏيڻ ضروري هوندو جنهن کان پوءِ واٽس ايپ پاڻ ئي ڪال وصول ڪري صارف جي واٽس ايپ اڪائونٽ جي تصديق ڪندو.ويب سائٽ موجب هي فيچر اينڊرائيڊ ورزن 2.21.117 جي واٽس ايپ ۾ موجود آهي. رپورٽ ۾ شايع ٿيندڙ اسڪرين شارٽ موجب فليش ڪالز هڪ آپشنل فيچر آهي ۽ اهو استعمال ڪرڻ تي منحصر آهي ته هو واٽس ايپ کي پنهنجي ڪال لاگ تائين پهچ ڏئي ٿو يا نه.

پهنجو تبصرو موڪليو