واهن جي پاڻي جي منصفاڻي ورهاست بابت اهم فيصلو

واهن جي پاڻي جي منصفاڻي ورهاست بابت اهم فيصلو

بدين ( رپورٽ مرتضي ميمڻ ) برابري جي بنياد تي پاڻي جي ورڇ لاءِ ڊپٽي ڪمشنر بدين سيد اعجاز علي شاھ جي زير صدارت ڪميٽي هال ۾ اهم گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي. گڏجاڻي ۾ چيئرمين ليفٽ بينڪ ڪينال ايريا واٽر بورڊ قبول محمد کٽياڻ، ڊاريڪٽر ليفٽ بينڪ ڪينال ايريا واٽر بورڊ مير غلام علي ٽالپر، اسسٽنٽ ڪمشنر بدين يونس رند ۽ ٻيا ايريگيشن جا آفيسر پڻ موجود هئا. ڊپٽي ڪمشنر سيد اعجاز علي شاھ چيوته پاڻي جي برابري جي بنياد تي ورڇ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي. هن چيوته حڪومت جي اها ڪوشش رهندي آهي ته ڪينالن تي گهٽ کان گهٽ وارا بندي ڪئي وڃي. پر پاڻي جي کوٽ سبب وارا بندي ڪئي وڃي ٿي. هن ايريگيشن کاتي جي عملدارن کي هدايتون ڏيندي چيوته وارا بندي ۾ به ڪينال ۾ پيئڻ جيترو پاڻي ضرور ڇوڙ ڪيو وڃي ته جيئڻ انسان ۽ چوپايو مال واهن جو مٺو پاڻي استعمال ڪري سگهن. چيئرمين ليفٽ بينڪ ڪينال ايريا واٽر بورڊ قبول محمد کٽياڻ ايريگيشن کاتي کي هدايتون ڏيندي چيوته هو پاڻي جي ورڇ لاءِ پلان جوڙين ته جيئن ڪنهن سان ناانصافي نه ٿئي.

پهنجو تبصرو موڪليو