ڪراچي (ويب ڊيسڪ) جيڪڏهن توهان کي ڪپڙن ڌوئڻ ۾ تڪليف ٿئي ٿي ته هاڻي اهو مسئلو حل ٿي ويو آهي هاڻي توهان جي الماڙي اهو ڪم ڪندي. جي ها ڏکڻ ڪوريا جي ڪمپني سام سنگ هونئن ته ڪيترائي سمارٽ فون، ٽيلي ويزن، فرج ۽ ٻين شين سان سڃاتي ويندي آهي پر هن جيڪو نئون ڊوائيس متعارف ڪرايو آهي اهو ڪنهن جادو کان گهٽ ناهي. سام سنگ جي اها جادو واري الماڙي واشنگ مشين ۽ ڊرائير جهڙي مشين تيار ڪري ورتي آهي. ايئر ڊريسر نالي اها انوکي ڊوائيس گذريل سال سيپٽمبر ۾برلن ۾ ٿيندڙ ايف اي ٽيڪنالاجي نمائش دوران متعارف ڪرائي وئي هئي پر ان کي صارفين لاءِ دستياب نه ڪئي وئي هئي. ايئر ڊريسر ۾ ڪپڙن کي سرف يا ٻين ڪيميڪلز کان بغير صاف ڪرڻ سان گڏ ان کي استري به ڪري سگهجي ٿو. اها بنيادي طور ايل جي اسٽائلر سان ملندڙ جلندڙ الماڙي آهي جيڪا گهرن ۾ ڊرائي ڪليننگ ۾ مدد ڏيندي آهي. بس توهان پنهنجن ڪپڙن کي ان الماڙي اندر لٽڪايو ۽ پوءِ اسٽيمنگ يا هيٽنگ سسٽم سان ان کي صاف ڪيو. ايئر ڊريسر ۾ هڪ جيٽ ايئر سسٽم ۽ ايئر هينگرز سپورٽ موجود آهي جيڪي ڪپڙن ۾ جمع ٿيندڙ تيز هوا ذريعي ڪڍي ڇڏيندي آهي. ان الماڙي ۾ هڪ اهڙو فلٽر به ڏنو ويو آهي جيڪو ڪپڙن ۾ موجود بودبو کي ختم ڪري خوشبودار بڻائي ڇڏيندي آهي. ڪمپني مطابق گهڻو مقدار دونهون استعمال ڪري ڪپڙن کي جراثيم مان پاڪ ڪري سگهجي ٿو جڏهن ان کي گهر ۾ ڪنهن به جڳهه تي رکي سگهجي ٿو. ڪمپني مطابق ان جي مدد سان 4 وائرسن جو خاتمو به ڪري سگهجي ٿو جنهن ۾ زڪام ۽ هارپيس به شامل آهن. ايئرڊريسر کي برطانيا ۾ کپائڻ لاءِ پيش ڪيو ويو آهي ۽ ان جي قيمت 2 هزار پائونڊ يعني 4 لک رپيا پاڪستاني کان وڌيڪ رکي وئي آهي.










