هٿياربندن هٿان عطائي ڊاڪٽر گوليون هڻي قتل

هٿياربندن هٿان عطائي ڊاڪٽر گوليون هڻي قتل

جيڪب آباد(عبدالنبي شيخ)جيڪب آباد ۾ موٽر سائيڪل سوار ٻن ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ عطائي ڊاڪٽر قتل ٿي ويو.صدر ٿاڻي جي حد ڊگري ڪاليج ڀرسان ٻن موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن ڪار مٿان فائرنگ ڪري ڳوٺ باھو کوسو واسي ڊاڪٽر بشير احمد بروهي کي قتل ڪري ڇڏيو،جوابدار ڊاڪٽر کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا، حد جي پوليس لاش کي کڻائي سول اسپتال پهچايو ذريعن موجب قتل ٿيل نوجوان بشير احمد بروهي عطائي ڊاڪٽر آهي جيڪو رات پنهنجي ساھراڻي گھر ترسيل هو،پنهنجي ڪلينڪ تي وڃي رھيو ھو ته ھٿياربندن مٿس فائرنگ ڪري قتل ڪيو،قتل ٿيل نوجوان جا گهر ڀاتي ڪوئٽا ويل آهن جن کي اهڙو اطلاع ڪيو آهي، پوليس رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته نوجوان ڊاڪٽر جي قتل جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو آهي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال آندو عطائي ڊاڪٽر جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ جي يو آءِ پاران ضلعي صدر ڊاڪٽر اي جي انصاري جي اڳواڻي ۾ لاش کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.مظاهرين شهر اندر مارچ ڪري لاش پريس ڪلب اڳيان رکي ڌرڻو هنيو ويو جنهن ڪري ڊي سي آفيس ڏانهن ايندڙ ويندڙ روڊ بلاڪ ٿي ويو.اڳواڻن مطالبو ڪندي چيو ته قاتلن کي بنا دير گرفتار ڪيو وڃي.ويو آهي وڌيڪ جاچ ڪري رهيا آهيون جلد کان جلد قاتلن کي گرفتار ڪيو ويندو

پهنجو تبصرو موڪليو