هٿيار بندن جي فائرنگ،عدالت مان موٽندڙ عورت ڌيءُ سميت قتل

هٿيار بندن جي فائرنگ،عدالت مان موٽندڙ عورت ڌيءُ سميت قتل

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ ) قمبر ۾ ڪار تي فائرنگ دوران ڪورٽ مان واپس موٽندڙ عورت ڌيءَ سميت مارجي وئي، جڏهن ته ٻي ڌيءَ زخمي ٿي پئي آهي، موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن باءِ پاس وٽ ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني، نتيجي ۾ ساجده عرف بيبي زال ديدار بوهڙ، سندس ڌيئرون عقيلان ۽ انيلا زخمي ٿي پيون، جن کي علائقي واسين ڳڻتي جوڳي حالت ۾ کڻائي لاڙڪاڻي جي جي چانڊڪا اسپتال جي حادثن واري شعبي ۾ آندو، جتي ڊاڪٽر پاران مائي ساجده عرف بيبي ۽ سندس ڌيءُ عقيلان جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي وئي، جڏهن ته ناري انيلا جو علاج هلندڙ آهي، ان موقعي تي تعلقي قمبر جي ڳوٺ بوهڙ جي رهواسي مقتولا عورت جي پٽ جميل بوهڙ صحافين کي ٻڌايو ته اسان قمبر سيشن ڪورٽ مان حاضري تان ڪار ۾ سوار ٿي واپس اچي رهيا هئاسين ته رستي ۾ باءِ پاس تي سڱاوتي معاملي تان بااثر چاچن احمد علي بوهڙ، رحمت علي، ميرل بوهڙ ۽ ٻين اسان جي گاڏي مٿان فائرنگ ڪئي،سندس چوڻ هو ته فائرنگ ۾ منهنجي امڙ ساجده عرف بيبي ۽ ڀيڻ عقيلان قتل ٿي ويون ۽ ٻي ڀيڻ انيلا زخمي ٿي پئي آهي، جڏهن ته فائرنگ دوران آءُ معجزاڻي طور محفوظ رهيس، هن چيو ته منهنجي والد ديدار علي بوهڙ جو ڪنهن حد تائين ذهني توازن درست نه آهي، جنهن ڪري بااثر چاچا اسان سان ظلم ڪندا رهندا آهن، اڄ ته هنن مونکي يتيم ڪري ڇڏيو آهي، هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو، ايس ايس پي قمبر شهدادڪوٽ ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن خلاف ڪاروائي ڪرڻ سان گڏ کين گرفتار ڪري امڙ ۽ ڀيڻ جي قتل جو ڪيس داخل ڪري سزا ڏئي انصاف ڪيو وڃي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو