هيوسٽن جي سنڌي ڪميونٽي پاران سانا اميدوارن جي حمايت جو اعلان

هيوسٽن جي سنڌي ڪميونٽي پاران سانا اميدوارن جي حمايت جو اعلان

هيوسٽن (پ ر) سنڌي ڪميونٽي جي سرگرم سماجي اڳواڻ ۽ سانا جي نائب صدارت لاءِ اميدوار اصغر پٺاڻ واشنگٽن مان آيل مهمان ڊاڪٽر حفيظ عباسي ۽ سانا ۾ جي چونڊ ۾ حصو وٺندڙ اميدوارن جي اعزاز ۾ پٺاڻ هائوس تي ڊنر ڏنو. سنڌي برادري ڊاڪٽر حفيظ عباسي ۽ چونڊ اميدوارن جو شاندار استقبال ڪيو.سانجهاندي ۾ سانا جي اليڪشن جي اميدوارن، جن ۾ جنرل سيڪريٽري جي اميدوار اسد علي شيخ، خزانچي اميدوار آڪاش ڪيول رام، يوٿ ونگ جي اميدوار دانش پٺاڻ ۽ ٻين سنڌي برادري جي اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. اصغر پٺاڻ پاران هيوسٽن ۾ سنڌي برادري جي اڳواڻن هيوسٽن مان بيٺل اميدوارن تي ڀرپور اعتماد جو اظهار ڪندي سندن ڀرپور حمايت جو اعلان ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو