مٺي (ڊ ر)سماجي اداري ڍٽ (DDAT) پاران سنڌ هندو ميئريج ايڪٽ 2016 سيمينار ٿر گيسٽ هائوس مٺي ۾ ٿي گذريو جنهن ۾ صحافين، سماجي اڳواڻن سميت شهرين شرڪت ڪئي سيمينار ۾ نامياري سماجي اڳواڻ ڪرشن شرما چيو ته سنڌ ۾ اڪثر خاندان قانون جي اڻڄائي جي ڪري موجوده قانون ۾ فائدو نٿا وٺي سگهن نتيجي ۾ گھريلو تشدد،خودڪشيون ۽ سماجي برايون جنم وٺن ٿيون، ننڍي عمر جي شادي ڪرڻ تي قانون لاڳو ٿي سگهي ٿو، هندو مئيريج ايڪٽ تحت شادي جو سرٽيفڪيٽ يونين ڪائونسل ۾ ٺهرائڻ لازمي آهي سرٽيفڪيٽ نه ٺهرائڻ جي صورت ۾ ڪئي مسئلا جنم وٺن ٿا سيمينار ۾ سماجي اڳواڻ ماما وشن ٿري، اشوڪ بختاڻي ،پرديپ ميگھواڙ،واپاري اڳواڻ امن گوماڻي! مورو مل، پرتاب ميگھواڙ، همير سورجاڻي، آڪاش هميراڻي ،قيمت سوراڻي، ثنا اللہ ڪنڀر،اميتاب ٻالاڻي، ۽ ٻين سماجي، سياسي توڙي شهرين شرڪت ڪئي










