ڪراچي(شوبزنيوز)عامر لياقت جي ٽئين گهرواري پاران نڪاح ختم ڪرڻ جي درخواست ۽ مبينا وڊيوز ليڪ ٿيڻ کانپوءِ اداڪارا اشنا شاهه به سيده بشرا اقبال جي واکاڻ ڪئي آهي.ٽوئيٽر تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ اشنا شاهه بشرا اقبال کي مخاطب ٿيندي چيو ته آپا مون کي مثال طور واضح ڪيو ته صبر، باوقار خاموشي ۽ ڪنهن به مسئلي کي الله تي ڇڏڻ ئي بهترين جواب آهي، مان ان کي عملي ۽ شعوري طور تي اختيار ڪندس.پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اداڪارا سيده بشرا اقبال جو به شڪريو ادا ڪيو ته هن سبق سيکاريو.واضح رهي ته عامر لياقت جي ٽئين گهرواري دانيا طرفان نڪاح جي خاتمي لاءِ درخواست داخل ڪرڻ کانپوءِ ٻنهي شخصيتن هڪ ٻئي تي بدزباني جو سلسلو جاري رکيو هو پر هاڻي عامر لياقت به پاڪستان ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.جڏهن ته ڪيترين ئي شوبز شخصيتن عامر لياقت تي تنقيد ڪئي، جڏهن ته دانيه کي به پنهنجي مڙس جون وڊيوز ليڪ ڪرڻ تي سخت تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو.










