هليري پاران ميگهن جي حمايت، برطانوي ميڊيا تي ڪاوڙ

هليري پاران ميگهن جي حمايت، برطانوي ميڊيا تي ڪاوڙ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) امريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير هليري ڪلنٽن چيو آهي ته ميگهن مارڪل جو انٽرويو هانءُ ڏارڻ وارو هو، برطانوي شاهي خاندان کان رُسي پنهنجي مڙس سان گڏ امريڪا منتقل ٿيل ميگهن مارڪل ٻه ڏيهن اڳ هڪ انٽرويو ڏنو هو جنهن ۾ هن شاهي خاندان جا ڪيئي راز فاش ڪيا، ميگهن پنهنجي انٽرويو ۾ چيو هو ته شاهي خاندان جي طرفان مون کي تحفظ نه مليو، شاهي خاندان کي ايترا ته خدشا هئا جو اسان جي شادي کانپوءِ ٻار جو رنگ ڪيترو ڪارو ٿيندو،

Screen shot

شاهي خاندان بابت تصور ۽ حقيقت ۾ تمام گهڻو فرق آهي، وائٽ هائوس طرفان ميگهن مارڪل جي انٽرويو جي ساراهه ڪئي وئي ۽ چيو ويو ته ڪنهن به شخص کي پنهنجي نجي زندگي ۽ ذهني حالت تي ڳالهه ڪرڻ وڏي همت جي ڳالهه آهي، هاڻي آمريڪا جي اڳوڻي پرڏيهي وزير هليري ڪلنٽن به ميگهن مارڪل جي حمايت ۾ سامهون اچي وئي ۽ چيائين ته شهزادي هيري ۽ ميگهن مارڪل جو انٽرويو هانءُ ڦاڙڻ وارو هو، هن چيو ته وقت تبديل ٿي چڪو آهي، هي 2021 آهي، ميگهن پنهنجو سر ناهي جهڪايو، هو پنهنجي زندگي جيئڻ چاهي ٿي ۽ هي هن جو حق آهي، ميگهن بابت برطانوي پريس جو رويو ظلم جي برابر آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو