هر ڪو وڏي ڄمار جي خوف کان ڊڄندو آهي: فواد خان

هر ڪو وڏي ڄمار جي خوف کان ڊڄندو آهي: فواد خان

ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪار فواد خان چيو آهي ته عمر وڌڻ جو خوف هر ماڻهو کي لڳندو آهي جيڪو هڪ عام خوف آهي.ڪراچي (شوبز نيوز) مشهور اداڪار فواد خان ملڪي توڙي پرڏيهي انڊسٽريز ۾ مشهور شخصيت جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، زندگي جي 43 چشمن باوجود هو پنهنجي انداز ۽ اداڪاري سان مداحن جي دلين ۾ زندهه آهي پر فواد به ٻين اداڪارن وانگر وڏي عمر کان ڊڄندو آهي،الخليج ٽائمز کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ فواد خان جو چوڻ هو ته بدقسمتي سان اها ڳالهه به سچ آهي ته مردن تي به نظر اچڻ جي ڪري تمام گهڻو دٻاءُ هوندو آهي. هن چيو ته انڊسٽري کان ٻاهر هرڪو عمر وڌڻ کان ڊڄندو آهي جيڪو هڪ عام خوف آهي ته مون کي به هڪ وچولي عمر جي حصي ذريعي ترتيب ڏنو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو