نيويارڪ (ويب ڊيسڪ)هاڻي توهان واٽس اپ جي ويب ورزن تي آڊيو ۽ وڊيو ڪال ڪري سگهو ٿا،هي فيچر آخرڪار ميٽا پاران متعارف ڪرايو ويو آهي.اڳ ۾، واٽس اپ تي آڊيو ۽ وڊيو ڪال صرف موبائل يا ڪمپيوٽرن لاءِ موجود ايپس ۾ ممڪن هئا.پر هاڻي واٽس اپ ويب ورزن ۾ هن فيچر کي متعارف ڪرائڻ جو عمل شروع ٿي ويو آهي.ڪمپيوٽرن تي واٽس اپ استعمال ڪندڙ هن ميسيجنگ ايپ تي ايپ جي بدران سڌو سنئون ويب برائوزر ۾ ڪال ڪري سگهندا.هي فيچر ڪافي عرصي کان ڪم ۾ آهي ۽ هاڻي بتدريج متعارف ڪرائڻ شروع ڪيو ويو آهي.هن وقت، هن فيچر کي صرف ون آن ون چيٽس لاءِ استعمال ڪرڻ ممڪن آهي.اهو ڪرڻ لاءِ، هڪ چيٽ کوليو ۽ مٿي تي رابطي جي نالي جي اڳيان ڪال آئڪن تي ڪلڪ ڪريو.هن آئڪن تي ڪلڪ ڪرڻ سان آڊيو ۽ وڊيو ڪالز جا آپشن نظر ايندا.اڳين رپورٽن ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي ته واٽس اپ ويب ورزن ۾ ڪالز اينڊ ٽو اينڊ انڪرپشن ذريعي محفوظ ڪيون وينديون ۽ ان لاءِ سگنل پروٽوڪول استعمال ڪيو ويندو.ويب ورزن ۾ اسڪرين شيئرنگ فيچر استعمال ڪرڻ پڻ ممڪن هوندو.










