هاڪي بحران، بگٽي مستعفي، بورڊ تي الزام، رانديگرن کي انعام

هاڪي بحران، بگٽي مستعفي، بورڊ تي الزام، رانديگرن کي انعام

لاهور(ويب ڊيسڪ)پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر طارق حسين بگٽي خميس ڏينهن پنهنجي استعيفيٰ جو اعلان ڪندي الزام لڳايو ته پاڪستان اسپورٽس بورڊ عالمي ٽورنامينٽن، خاص طور تيانٽرنيشنل هاڪي فيڊريشن لاءِ فنڊز جي انتظام ۾ بدانتظامي ڪئي۔
لاهور ۾پريس ڪانفرنس ڪندي بگٽي چيو ته هن پنهنجي استعيفيٰ اڳ ئي وزيراعظم ڏانهن موڪلي ڇڏي آهي۔
هن بحران جو ذميوار اسپورٽس بورڊ کي قرار ڏيندي چيو ته پرو ليگ لاءِ مختص ڪيل رقم پي ايس بي کي جاري ڪئي وئي هئي، پر ان کي صحيح نموني سنڀاليو نه ويو، جنهن سبب ارجنٽائن ۽ آسٽريليا جي دورن دوران لاجسٽڪ مسئلا پيدا ٿيا۔
بگٽي چيو ته فيڊريشن اڳواٽ دورن جو شيڊيول شيئر ڪيو هو ۽ مالي ڪنٽرول پي ايس بي وٽ هو۔ هن چيو ته: “ست سالن کان پوءِ پاڪستان هاڪي کي پرو ليگ ۾ کيڏڻ جو موقعو مليو، پر فنڊن جي کوٽ سبب اسان ذميواريون پوريون ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏنو.” هن وڌيڪ چيو ته هن ذاتي طور ارجنٽائن ۾ هوٽل جا بقايه ادا ڪرڻ لاءِ 3,720 ڊالر ادا ڪيا۔
هن آزاد جاچ جو پڻ مطالبو ڪيو ۽ چيو ته پي ايس بي پاران ٺاهيل ڪميٽي “جج ۽ جيوري” جو ڪردار ادا ڪيو۔
اندروني معاملن جو ذڪر ڪندي هن الزام لڳايو ته ٽيم جي ڪپتان اثرائتي شخصيتن جا پيغام ڏيکاري رانديگرن تي دٻاءُ وڌو، جنهن کان پوءِ فيڊريشن عَماد شڪيل بٽ تي ٻن سالن جي پابندي لڳائي۔
فنڊنگ بابت هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف هاڪي لاءِ 250 ملين رپيا مختص ڪيا هئا، جيڪي پي ايس بي کي جاري ڪيا ويا۔ “ان باوجود، هاڪي فيڊريشن کي ٻاهرين ملڪن ۾ وڏين لاجسٽڪ مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو.”
هن آخر ۾ چيو ته صرف استعيفيٰ ڪافي ناهي۔ “پاڪستان جي ساک کي نقصان پهتو آهي، ۽ احتساب لازمي بڻايو وڃي.”
نقوي جي هاڪي رانديگرن سان ملاقات
ٻئي طرف، گهرو وزير محسن نقوي، جيڪو پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جو چيئرمين پڻ آهن، هاڪي رانديگرن سان ملاقات ڪئي۔ پي سي بي جي ايڪس اڪائونٽ تي جاري ڪيل بيان موجب، رانديگرن نقوي سان پرو ليگ دوران پيش آيل “ناخوشگوار واقعن” بابت آگاهي ڏني، ۽ پي سي بي چيئرمين رانديگرن سان ٿيل “خراب سلوڪ” تي افسوس ظاهر ڪيو۔
بيان ۾ نقوي جو چوڻ هو: “اسين هر طريقي سان هاڪي رانديگرن کي سهولت فراهم ڪنداسين.” بيان موجب، هن “هاڪي جي معاملن کي منظم ڪرڻ” لاءِ مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي ۽ مصر ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ ڪواليفائرز لاءِ رانديگرن جا ٽڪيٽ، ڪِٽس ۽ هوٽل رهائش جو بندوبست ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون۔
بيان مطابق، هن چيو ته هاڪي رانديگرن جو ڪيمپ سڀاڻي (جمعي) کان شروع ٿيندو ۽ هدايت ڪئي ته ٽريننگ ڪيمپ جا سمورا انتظام اڄ رات تائين مڪمل ڪيا وڃن۔
بيان موجب هن هدايت ڪئي ته زخمي هاڪي رانديگرن جو فوري علاج ڪرايو وڃي ۽ رانديگرن کي چيو ته هو صرف پنهنجي راند تي ڌيان ڏين۔ هن چيو ته: “پاڪستان جي عزت سڀ کان مٿانهين آهي. ڪنهن به صورت ۾ ان جي ساک کي داغدار ٿيڻ نه ڏينداسين.”
پي سي بي جي بيان موجب، نقوي هاڪي رانديگرن کي في رانديگر 10 لک رپين جا چيڪ پڻ ڏنا. جيڪا انعامي رقم قومي هاڪي ٽورنامينٽن ۾ رنر اپ ٿيڻ تي اعلان ڪئي وئي هئي۔
“هاڪي رانديگرن نقوي جو ملاقات ۽ حوصلا افزائي ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو.”
نقوي اڳ ۾ ئي سوشل ميڊيا پليٽفارم ايڪس تي به چيو هو ته هو پي ايڇ ايف جو صدر نه بڻجندو، پر “اسين رانديگرن جي مدد ڪندا رهنداسين جيستائين هي بحران ختم نه ٿئي.”
بگٽي جي استعيفيٰ پي ايڇ ايف ۽ پي ايس بي وچ ۾ عوامي تڪرار کان پوءِ آئي آهي، جيڪو قومي ٽيم جي آسٽريليا جي شهر هوبرٽ ۾ پرو ليگ جي ٻئي مرحلي ۾ شرڪت دوران مبينا بدانتظامي تي پيدا ٿيو۔
گرين شرٽس جرمني ۽ آسٽريليا خلاف شڪستن کان پوءِ بنا ڪا ميچ کٽڻ جي مهم ختم ڪري لاهور موٽي آيا۔ ڪپتان عماد بٽ چيو هو ته هننکي آسٽريليا ۾ هوٽل نه مليو، ماني پاڻ پچائيندا رهيا، برتن ۽ ڪپڙا به پاڻ ڌوتا. گهٽين ۾ رلندا رهياسين، رهائش جو انتظام نه ڪيو ويو هو.
جڏهن ته پي ايڇ ايف جو موقف هو ته لاجسٽڪ ۽ مالي ذميواري سينيٽ ڪميٽي جي هدايتن تحت پي ايس بي تي عائد هئي، هڪ پي ايس بي عملدار جو چوڻ هو ته ڪافي فنڊ فراهم ڪيا ويا هئا ۽ فيڊريشن جي انتظام تي سوال اٿاريا۔
وزيراعظم شهباز شريف معاملي جو نوٽيس وٺندي فوري جاچ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته وفاقي وزير رانا ثناءُالله معاملي جي تحقيقات لاءِ ڪميٽي جوڙڻ جو اعلان ڪيو۔
ٻنهي ڌرين جاچ جو آڌرڀاءُ ڪيو آهي، پر مبصرن شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ غيرجانبدار ۽ آزاد تحقيقات جو مطالبو ڪيو آهي۔
ياد رهي ته طارق بگٽي سئي مان 2007 ۾ بنا مقابلي ايم پي اي چونڊيو هو ۽ 2024 جي شروع ۾ نگران وزيراعظم ڪاڪڙ کيس هاڪي فيڊريشن ۾ مقرر ڪيو هو. سندس مدت ۾ ملازمن ۽ رانديگرن کي رهتون مليون، هاڪي ٽيم جي رينڪنگ 18 مان 13 تي پهتي. هن ڪليم الله کي سليڪشن ڪميٽي ۾ مقرر ڪيو.
رانا ثناءُ الله حامد مير جي پروگرام ۾ هڪ ڏينهن اڳ چيو هو ته بگٽي طاقتور ماڻهو آهي، کيس هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي پر ڪامياب نه ٿياسين.

پهنجو تبصرو موڪليو