لاهور (ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته پنجاب جو نگران وڏو وزير 22 اپريل تي 90 ڏينهن پورا ڪندو، 23 اپريل تي هو ڪنهن به چيڪ يا ايگزيڪيوٽو آرڊر تي دستخط ڪري سگهي ٿو.ميڊيا سان ڳالهائيندي پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته هو ريفرنس جو مسودو تيار ڪري رهيا آهن، جيڪو اليڪشن ڪميشن ڏانهن اماڻيو ويندو.هنن جو چوڻ آهي ته هو اليڪشن ڪميشن کان مطالبو ڪندا ته سپريم ڪورٽ کان نگران حڪومت جي مدي ۾ واڌ يا نئون وڏو وزير ۽ ڪابينا جوڙي وڃي.فواد چوڌري چيو ته عمران خان جي مقبوليت جي اونچائي سندس پارليامينٽ تان استعيفيٰ ۽ اسيمبليون ٽوڙڻ آهي، اليڪشن 90 ڏينهن کان وڌيڪ نه ٿي هلي سگهي.هن وڌيڪ چيو آهي ته بينظير ڀٽو جي شهادت تي اتفاق راءِ سان اليڪشن ملتوي ڪئي وئي، معاملو عدالت ۾ نه ويو.پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چيو آهي ته عمران خان کي ڇو گرفتار ڪيو پيو وڃي، مٿس ڪو به ڪيس ناهي.










