نيب وارن ڪپڙن کان آجو ڪري ڇڏيو، طيبه گل جو  انڪشاف

نيب وارن ڪپڙن کان آجو ڪري ڇڏيو، طيبه گل جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو)نيب جي اڳوڻي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ جاويد اقبال تي هراسمينٽ جا سنگين الزام هڻندڙ طيبه گل پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي(پي اي سي) ۾ پيش ٿي، جتي هُن ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيا آهن طيبه گل پي اي سي کي ٻڌايو ته مون خلاف هڪ ڪوڙو ريفرنس ٺاهيو ويو، مونکي ٻڌو به نه ويو، مسنگ پرنس ڪميشن ۾ جسٽس(ر) جاويد اقبال سان ملاقات ٿي، جڏهن مون جاويد اقبال کي بار بار ڪال ڪرڻ کان منع ڪيو ته هو ناراض ٿي ويو عورت ٻڌايو ته جنوري 2019ع ۾ لاهور مان نيب رات جو گهر مان گرفتار ڪيو، مسنگ پرسن جي درخواست تي منهنجو نمبر لکيو ويو، اُن تي ڪال ڪري مونکي بار بار گهرائيندا رهيا، جاويد اقبال چوندو هو ته اوهان ضرور اچو نه ته ٻڌڻي نه ٿيندي طيبه گل ٻڌايو ته جاويد اقبال چوندو هو ته هڪ منٽ ۾ تنهنجي زندگي تباهه ڪري سگهان ٿو، جاويد اقبال ڌمڪي ڏني ته ڪنهن آفيس ۾ اوهان کي ڏٺو ته انجام بُرو ٿيندو عورت انڪشاف ڪيو ته نيب چيئرمين مونکي ۽ منهنجي مڙس فاروق کي گرفتار ڪرايو، مرد اهلڪارن جيڪو ڪجهه رستي ۾ ڪيو، اُهو بيان نٿي ڪري سگهان، ڊي جي نيب لاهور سليم شهزاد جي چوڻ تي مونکي ڪپڙن کان آجو ڪيو ويو، ڊي جي نيب لاهور جاويد اقبال جو سهولتڪار هو

پهنجو تبصرو موڪليو