لاهور(ويب ڊيسڪ) قومي احتساب بيورو (نيب) آمدني کان وڌيڪ اثاثن واري ڪيس ۾ عثمان بوزدار کي ٻيهر طلب ڪري ورتو.ذريعن موجب پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بوزدار کي 22 فيبروري تي ملڪيت، آمدني ۽ خرچن جا تفصيل پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.ذريعن موجب عثمان بوزدار کي سڀاڻي صبح 11 وڳي نيب لاهور ۾ پيش ٿيڻ لاءِ چيو ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته عثمان بوزدار کي 16 فيبروري تي طلب ڪيو ويو هو پر هو پيش نه ٿيو، کيس لاهور هاءِ ڪورٽ مان عبوري ضمانت وٺڻي آهي.










