نياڻين جو پرائمري اسڪول سالن کان بند، در، دريون چوري

نياڻين جو پرائمري اسڪول سالن کان بند، در، دريون چوري

پکو(عبدالوحيد ميئو) يوسي خيرپور جوسو جي ڳوٺ گھوگھاري جو نياڻين جو پرائمري اسڪول ڪيتري عرصي بند پيل آھي بند اسڪول جي بلڊنگ مرمت ۽ تدريسي عمل شروع نه ٿيڻ تي بيٺي بيٺي کنڊر بڻجي وئي آهي. بلڊنگ مان در دريون، بجلي جو سامان ۽ واش رومن مان ڇٿ جو لوھ مبينا طور چوري ٿي ويو آهي. نياڻين جو اسڪول نه کلڻ ڪري ڳوٺ جون سوين معصون نياڻيون تعليم جھڙي زيور کان محروم بڻيل آھن. ڳوٺاڻن سڪندر علي کچي، عبدالجبار، مشتاق ۽ معصوم ٻارڙن صائمه، نسيم، ارم، ڪلثوم، شھربانو، اقصه، ثانيا، عابده ۽ ٻين بند اسڪول اڳيان سخت احتجاج ڪندي اسڪول کولرائڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته اسڪول گذريل ڪيترن سالن کان بند آھي سنڌ ۾ تعليم کاتي ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪرڻ باوجود نياڻين جو اسڪول کلي نه سگھيو آھي نه ئي عمارت جي مرمت ڪرائي وئي آھي. اڳوڻي ڊي سي قمبر ۽ ضلعي آفيسرن کي لکت ۾ درخواستون ۽ شڪايتون ڪيون پر ڪو به کڙ تيل نه نڪتو آھي. ڳوٺاڻن ۽ معصوم نياڻين سنڌ سرڪار، تعليم واري وزير، ڊي سي قمبر ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان گُھر ڪئي ته خدارا اسان جي ڳوٺ جو بند پرائمري اسڪول کولرائي نئين بلڊنگ ڏئي تعليم جھڙو بنيادي حق ڏنو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو