نوجوان علي احمد بروهي جو لاش هٿ ڪرڻ جو حڪم

نوجوان علي احمد بروهي جو لاش هٿ ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران نوجوان علي احمد بروهي جو لاش هٿ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو،سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران علي احمد بروهي جو لاش هٿ ڪرڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي، ايس ايس پي لاڙڪاڻو کي طلب پڻ ڪيو ويو آهي،لاڙڪاڻي ۾ نوجوان علي احمد بروهي کي مبينا ڪارنهن الزام هيٺ قتل ڪري لاش ڪئنال ۾ اڇلائڻ واري ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ايس پي جاچ لاڙڪاڻو رپورٽ جمع ڪرائي،پوليس رپورٽ موجب ٻن جوابدارن عبدالعزيز ۽ خان محمد کي گرفتار ڪري اغوا ۾ استعمال ٿيل گاڏي هٿ ڪئي آهي،درخواستگذار جي وڪيل اختر حسين جبار چيو ته پوليس جوابدارن کي گرفتار نه ڪيو، پر هنن پاڻ پوليس وٽ گرفتاري ڏني،وڪيل صالح محمد چيو ته روهڙي ڪئنال مان 65 لاش مليا، انهن جي ڊي اين اي ڪرائڻ جو چيو ويو ھو، رڳو هڪ لاش جو پوسٽ مارٽم ڪرايو ويو،ايس پي جاچ لاڙڪاڻو چيو ته نوجوان جو لاش روهڙي ڪئنال ۾ اڇلايو ويو، پوليس سميت ٻين ادارن کي لکت ۾ آگاهه ڪيو،عدالت نوجوان جو لاش هٿ ڪري هڪ مهيني اندر رپورٽ ڏيڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايندڙ ٻڌڻي تي ايس ايس پي لاڙڪاڻو طلب ڪيو ويو،درخواستگذار ۽ مقتول نوجوان جي امڙ نور بي بي دانهون ڪندي چيو ته 27 جنوري 2023 تي پٽ علي احمد بروهي کي اغوا ڪري ڪارنهن الزام مڙهي کيس قتل ڪيو ويو هو،مقتول جي امڙ چيو ته پٽ جي قتل جو جرڳو به ڪيو ويو، ڏنڊ جي رقم وٺڻ کان انڪار ڪيو، رڳو پٽ جي قاتلن کي گرفتار ڪيو،هن چيو ته رڳو پٽ جو لاش کپي، قاتلن کي ڦاهي تي چاڙهيو وڃي، ٻيو ڪو به مطالبو ناهي، مون سان انصاف ڪيو وڃي

پهنجو تبصرو موڪليو