نوجوان اسان جي روشن مستقبل جا معمار آهن: وزيراعظم

نوجوان اسان جي روشن مستقبل جا معمار آهن: وزيراعظم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ): وزيراعظم شهباز شريف نوجوانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پيغام چيو آهي ته نوجوان اسان جي قوم جو انمول اثاثو ۽ روشن مستقبل جا حقيقي معمار آهن.وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي بيان ۾ چيو ته نوجوانن جو عالمي ڏينهن “مختلف حالات، مشترڪه امنگون” جي عنوان هيٺ ملهايو پيو وڃي. دنيا جي هر خطي ۾ نوجوانن جا حالات توڙي ماحول الڳ ٿي سگهن ٿا، پر انهن جون ترقي، امن ۽ روشن مستقبل واريون خواب ۽ امنگون هڪ جهڙيون آهن.وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستاني نوجوانن مختلف شعبن ۾ قومي توڙي عالمي سطح تي ملڪ جو نالو روشن ڪيو آهي. حڪومت پنهنجي دستياب وسيلن کي واپري نوجوانن جي ذهني، جسماني ۽ علمي نشوونما لاءِ قدم کڻي رهي آهي تاڪه ملڪ کي خوشحال ۽ مضبوط بڻائي سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو