نوان صوبا ٺاهڻ آءِ ايس پي آر جو ڪم نه آهي، سعيد غني

نوان صوبا ٺاهڻ آءِ ايس پي آر جو ڪم نه آهي، سعيد غني

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته آءِ ايس پي آر جو ڪم اهو نه آهي ته اهي صوبا ٺاهين، اهو ڪم اسيمبلين پارليامينٽ ۽ اتان جي عوام کي ڪرڻو آهي. وفاقي گهرو وزير جي بيان بابت ڳالهائيندي هن چيو ته انهي جي به ڪابه حيثيت نه آهي، صوبن جو معاملو تمام حساس آهي انهي تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪنداسين.ڪراچي ۾ صحافين سا ڳالهيون ڪندي هن چيو ته سنڌ ۾ وڏي وقت کان پوءِ يڪجهتي پيدا ٿي آهي، ڪجهه اينڪرز جاهلانه ڳالهيون ڪندا آهن، هي جيڪي ٽي وي تي ويهي ڳالهيون ڪري رهيا آهن انهن کي سوچڻ گهرجي، سنڌ جي عوام جو هڪ ڌار رشتو آهي، اها ڳالهه ڪنهن کي سمجهه ۾ نه پئي اچي. سعيد غني چيو ته اوهان جي مرضي آهي جيڪو ڪجهه ڪري وٺو پر ڪنهن به صورت ۾ سنڌ ۾ صوبو نه بڻجندو، هوش کان ڪم وٺو، سنڌ جي ماڻهن کي ڇو نفرتن طرف ڌڪڻ چاهيو ٿا، صوبو ٺاهڻ جي حوالي سان پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي صورتحال مختلف آهي.صوبائي وزير چيو ته سنڌ ۾ صوبن جي لاءِ ايم ڪيو ايم ٽپا ڏئي رهي آهي، مان ايم ڪيو ايم کي جواب ڏيندس، ايم ڪيو ايم جي ٽن چئن ماڻهن جي حيثيت ڪهڙي آهي هي پاڻ هڪ ٻئي سان ويهڻ نٿا چاهين، انهن کي شرم اچڻ گهرجي عوام ۾ نفرتون پيدا ڪري رهيا آهن.سعيد غني چيو ته ايم ڪيو ايم سان ڪيل معاهدي موجب ڪراچي کي ڌار نظام ڏنو هو جنهن تي سنڌ ۾ ٻٽي بلدياتي نظام جي خلاف احتجاج ٿيو، سموري سنڌ ۾ پ پ جي خلاف احتجاج ٿي رهيو هو، جنهن تي ايم پي ايز اڳواڻن کي چئي ڇڏيو هو ته اهو نظام واپس وٺو، پ پ مجبور ٿي ٻٽو نظام واپس ورتو.هن چيو ته صوبي جي ورهاست جي ڳالهه تي سنڌ جا ماڻهو پيپلز پارٽي کي ويهڻ نه ڏيندا، جڏهن ته ٻيون پارٽيون به سنڌ جي ورهاست جي خلاف آهن. سعيد غني چيو ته جماعت اسلامي چوي ٿي ته هو عوام جي لاءِ احتجاج ڪندا آهن پر 18 هنڌن تي هو شهر جا روڊ بند ڪريو ويٺا آهن، عوام کي تڪليف ڏيڻ سان شهباز شريف تي ڪهڙو فرق پوندو. جماعت اسلامي جو مقصد ماڻهن کي تڪليف ڏيڻ آهي، هن چيو ته حافظ نعيم پڙهيل لکيل ماڻهو آهي عقل کان ڪم وٺي.

پهنجو تبصرو موڪليو