اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن اين اي 130 تان نوازشريف جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن صحيح قرار ڏيندي ياسمين راشد جي درخواست کي رد ڪري ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب ڊاڪٽر ياسمين راشد طرفان نوازشريف جي ڪاميابي کي چيلينج ڪيو ويو هو جنهن تي اليڪشن ٽربيونل جي جج رانا محمود فيصلو ٻڌائي ڇڏيو جنهن موجب ڊاڪٽر فيصلي موجب ڊاڪٽر ياسمين راشد جي درخواست ٽيڪنيڪي بنيادن تي رد ڪندي اين اي 130 تان نوازشريف جي ڪاميابي جو نوٽيفڪيشن صحيح قرار ڏنو ويو.ياد رهي ته گذريل سال فيبروري ۾ ٿيل عام چونڊن ۾ لاهور مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 130 تي نواز هڪ لک 71 هزار 24 ووٽ کڻي ڪاميابي حاصل ڪئي هئي جڏهن ته آزاد اميدوار جي طور تي ميدان ۾ لهندڙ ياسمين راشد هڪ لک 15 هزار 43 ووٽ کنيا هئا جنهن کان پوءِ هن نوازشريف جي ڪاميابي کي چيلينج ڪيو هو.










