نقوي پاران پي ايس ايل رانديگرن جا معاوضا وڌائڻ جو مشورو

نقوي پاران پي ايس ايل رانديگرن جا معاوضا وڌائڻ جو مشورو

لاهور: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين محسن نقوي پي ايس ايل جي گورننگ ڪونسل اجلاس ۾ رانديگرن جا معاوضا وڌائڻ جي وڪالت ڪري ڇڏي.ذريعن موجب پي ايس ايل گورننگ ڪونسل اجلاس ۾ چيئرمين ٽيم مالڪن کي رانديگرن جا معاوضا وڌائڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو آهي.ذريعن موجب چيئرمين پي سي بي محسن نقوي چيو ته مان چاهيان ٿو ته ٽيمن جي مارڪيٽ ويليو وڌائڻ کان پوءِ هاڻ رانديگرن جي معاوضن ۾ به اضافو ٿئي.ذريعن موجب اجلاس ۾ محسن نقوي ٽيمن جيان رانديگرن جي به آڪشن جي تجويز ڏني ۽ چيو ته پي ايس ايل 11 جي ڊرافٽ ۾ رانديگرن جي آڪشن ڪرائي پنهنجي مرضي سان رانديگر کنيا وڃن جنهن سان رانديگرن جو فائدو ٿيندو.ذريعن ٻڌايو ته محسن نقوي ٻن نئين ٽيمن کي رانديگر چونڊڻ جي لاءِ هڪ جهڙا موقعا ڏيڻ تي زور ڏنو آهي. ورڪنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ پراڻي ٽيمن طرفان رانديگرن جي ري ٽينشن تي بحث جو امڪان آهي.گذريل ڏينهن محسن نقوي جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ 8 فرنچائز، پي سي بي ۽ پي ايس ايل اختيارين شرڪت ڪئي جنهن ۾ پي ايس ايل جي ٻن نئين ٽيمن جي مالڪن کي ڀليڪار چيو ويو ۽ نئين ٽيمن جي ڪامياب نيلامي تي محسن نقوي ۽ پي ايس ايل ٽيمز کي مبارڪباد ڏني وئي.

پهنجو تبصرو موڪليو