حيدرآباد (بيورو رپورٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڄامشورو ۾ محمد حسين پنهور انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز ۾ مرحوم پنهور جي ذاتي لائبريري جو افتتاح ڪيو ۽ املهه ڪتابن جي ڊجيٽلائيزڊ لائبريري ويب سائيٽ www.sindh.org تي ڪلڪ ڪري ايم ايڇ پنهور صاحب جي لکيل ٽي ڪتاب سنڌالاجي، دي ڪيس آف ڪراچي ۽ ڪرونولوجيڪل ڊڪشنري آف سنڌ جي پڌرائي ڪئي. هن ڊجيٽل لائبرريءَ ۾ املهه ڪتابن جي ڊجيٽلائيزيشن جو عمل ڏٺو ۽ ايم ايڇ پنهور جي علمي، ادبي، زرعي ۽ سائنسي تحقيق ۽ مختلف ڪتابن تي ڊاڪيومينٽري به ڏٺي ۽ ايم ايڇ پنهور جي ڪتاب ’گرائونڊ واٽر ان سنڌ‘ ۾ دلچسپي ڏيکاري ۽ هن ايم ايڇ پنهور جي فارم تي پوکيل ميون جو پڻ معائنو ڪيو. ان موقعي تي ڪوٺايل تقريب کي خطاب ڪندي سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته منهنجي ايم ايڇ پنهور صاحب سان 2005ع ۾ ملاقات ٿي جنهن ۾ پنهور صاحب مون کي پنهنجا ڪتاب پڙهڻ لاءِ ڏنا ۽ مون اهي ڪتاب واپس نه ڪيا. هن چيو ته سني پنهور پنهنجي پيءُ جي ڪتابن کي ڊجيٽلائيز ڪري رهيو آهي ۽ چيو ته سني پنهور شهيد ڀٽو جي ڪتابن کي ڊجيٽلائيز ڪري سڄي دنيا تائين پهچايو. هن چيو ته مون کي 15 سال حڪومت ۾ ٿيا آهن ۽ تعليم جي سڌاري لاءِ اسان وٽ پئسي جو مسئلو ناهي پر انساني وسيلن جي کوٽ آهي. هن چيو ته اسان انساني وسيلن ۾ ڏينهون ڏينهن پوئتي ٿيندا پيا وڃون، اڄ اسان وچ ۾ ايم ايڇ پنهور ڇو پيدا نه پيو ٿي سگهي ان ڪري جو اسان جو تعليمي معيار گهٽجي ويو آهي.

جنهن جي شڪايت آئون هتي موجود وائيس چانسلر ۽ تعليمي ماهرن سان ڪريان ٿو. هن چيو ته وائيس چانسيلر جي مقرري لاءِ سرچ ڪميٽيءَ پاران چونڊيل ٽن نالا مون ڏانهن موڪليا ويا هئا پر اهي نالا چونڊجڻ جي اهل ناهن. هن چيو ته ايم ايڇ پنهور اندر تعليم لاءِ جيڪو جذبو مون کيس 80 ورهين جي ڄمار ۾ ڏٺو اهو اڄ جي نوجوانن ۾ ناهي. هن چيو ته اسان سنڌ تي ڪتاب لکون ٿا پر سنڌ جي ترقي ۾ اسان جو حصو ڪيترو آهي؟ اسان کي پاڻ سوچڻو پوندو، اسان ڪنهن ٻئي کي ڪنهن به مسئلي جو ذميوار نه سمجهڻ گهرجي ۽ چيو ته جيستائين چيف ايگزيڪيوٽو آهيان ان جو ذميوار آئون پاڻ آهيان. هن چيو ته موسمياتي تبديلي بابت ايم ايڇ پنهور جو لکيل ڪتاب اسان هن ٻوڏ ۾ ڏٺو ۽ چيو ته آئون انجنيئر آهيان پر ايم ايڇ پنهور مون کي پاڻي ۽ آبپاشي شعبي ۾ سُڌ ڏني. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته يونيورسٽين کي هلائڻ لاءِ انتظامي صلاحيتن جي ضرورت آهي، هن چيو ته ايم ايڇ پنهور زراعت ۾ مشينري متعارف ڪرائي. هن چيو ته هو ايم ايڇ پنهور جي انسٽيٽيوٽ جي هر طرح سان سهڪار ڪندو ۽ هن چيو ته هو سردار شاهه کي ذميواري ڏئي ٿو ته هن اداري کي اڳتي وٺي وڃي. ان موقعي تي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي سنڌ جي وڏي وزير چيو ته هو سنڌ جي عوام جو ٿورائتو آهي جن بلدياتي چونڊن ۾ پيپلز پارٽي کي ووٽ ڏنو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايم ڪيو ايم پاڪستان اسان جي وفاق ۾ اتحادي آهي پر ڪراچي جو ميئر پيپلز پارٽي جو حق آهي، جڏهن ته ان حوالي سان جماعت اسلامي سان به مشاورت ڪئي ويندي. ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي تعليم واري صوبائي وزير سيد سردار شاهه چيو ته ايم ايڇ پنهور جي زراعت، سنڌ، آبپاشي، انساني ارتقا تي ڪيل تحقيق بي مثال آهي، هن چيو ته سني پنهور هڪ قابل ۽ سلڇڻي پُٽ جو حق ادا ڪندي پنهنجي پيءُ جي نالي انسٽيٽيوٽ قائم ڪيو. سردار شاهه چيو ته جيڪڏهن سنڌ يونيورسٽي جي سنڌالاجي پنهنجو ڪم ڪري ها ته اڄ ايم ايڇ پنهور انسٽيٽيوٽ قائم نه ٿئي ها. تقريب کي خطاب ڪندي سني پنهور چيو ته ڊجيٽل لائبريري ذريعي هڪ سال ۾ 3000 ڪتاب ڊجيٽل ڪيا ويندا.

هن چيو ته منهنجي پيءُ ايم ايڇ پنهور سنڌ ۾ تعليم ۽ زراعت ۾ وڏي خدمت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته ايم ايڇ پنهور جي شخصيت جا ڪيترائي پهلو آهن ۽ چيو ته اڄ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ايم ايڇ انسٽيٽيوٽ آف سنڌ اسٽڊيز جي پيڙهه جو پٿر رکي تعليمي نواڻ جو آغاز ڪيو آهي. ان موقعي تي ايم اين اي سردار سڪندر علي راهپوٽو، سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر محمد صديق ڪلهوڙو، سيڪريٽري ثقافت نسيم الغني سهتو، ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد بلال احمد ميمڻ، ڊي آءِ جي حيدرآباد سيد پير محمد شاهه، ڊپٽي ڪمشنر ڄامشورو ڪيپٽن رٽائرڊ فريد الدين مصطفيٰ پڻ ان موقعي تي موجود هئا.










