اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف کي قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ وٺڻو پوندو.هڪ بيان ۾ فواد چوڌري چيو ته هو شهباز شريف جي اعتماد جي ووٽ جي حوالي سان صدر کي درخواست ڪرڻ وارو آهي.فواد چوڌري چيو ته نئين آرمي چيف جنرل عاصم منير جي اچڻ سان صورتحال ۾ 50 سيڪڙو بهتري آئي آهي ۽ ٿي سگهي ٿي وڌيڪ به ٿي سگهي ٿي.










