مٽياري (ن س) مٽياري ويجهو مھراڻ ھاءِ وي تي جاني ڏاريندڙ حادثو تيز رفتار ڪار جو موٽر سائيڪل کي ٽڪر صحافي جو ھڪ ڀائٽيو ٿڏي تي فوت ٻيو سخت زخمي زخمي نواب شاھ اسپتال داخل، خبر موجب. مٽياري ويجهو مھراڻ ھائي وي تي ڳوٺ جان محمد جمالي جي سامھون نواب شاھ کان حيدرآباد ايندڙ ڪار تيزرفتاري سبب اڳيان ويندڙ موٽر سائيڪل کي زوردار ٽڪر ھنيو نتيجي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ڳوٺ عيسا خاصخيلي واسي صحافي گل حسن جمالي جو ھڪ ڀائٽيو 14 سالن جو راشد خاصخيلي موقعي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ت ٻيو 10سالن جو جنيد خاصخيلي سخت زخمي ٿي پيو اطلاع تي وارثن پھچي لاش ۽ زخمي کي نواب شاھ اسپتال کڻي ويا جتي فوتي راشد خاصخيلي جي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو جيڪي ڳوٺ عيسا خاصخيلي کڻائي جڏھن ته جنيد خاصخيلي نواب شاھ اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو آهي.










