نيويارڪ: (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني فلم اسٽار ميرا کي نفسياتي دٻاءُ سبب نيويارڪ جي مونٽيفيئر ميڊيڪل سينٽر جي نفسياتي وارڊ ۾ داخل ڪيو ويو آهي.رپورٽن موجب، هوءَ پنهنجي ايندڙ فلم جي شوٽنگ دوران سخت ذهني دٻاءُ کي منهن ڏئي رهي هئي، جنهن جي ڪري کيس طبي مدد جي ضرورت هئي.ميرا جي نئين فلم ۾ شان شاهد ۽ سونيا حسين به اهم ڪردارن ۾ نظر ايندا، جڏهن ته فلم هڪ ٿرلر آهي ۽ ميرا جي ڪردار کي نفسياتي طور تي تمام گهڻو چئلينجنگ قرار ڏنو پيو وڃي. فلم جي مڪمل تفصيل ۽ ٻين ڪردارن بابت آخري معلومات اڃا تائين ظاهر نه ڪئي وئي آهي.ميرا کي آخري ڀيرو فلم باجي ۾ ڏٺو ويو هو، جيڪا مداحن ۽ نقادن کان مثبت جواب حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي هئي، جڏهن ته، هن نئين فلم سان، ميرا جي وڏي اسڪرين تي واپسي جو انتظار آهي.










