مومنه اقبال جي ثاقب چڍڙ خلاف ڪيس داخلي واري درخواست جمع

مومنه اقبال جي ثاقب چڍڙ خلاف ڪيس داخلي واري درخواست جمع

لاهور: (دنيا نيوز) اداڪاره مومنه اقبال ۽ مسلم ليگ (ن) جي ايم پي اي ثاقب چڍڙ جي وچ ۾ قانوني تڪرار شدت اختيار ڪري ويو آهي.ذريعن موجب اداڪاره مومنه اقبال ايم پي اي ثاقب چڍڙ خلاف ٿاڻي چوهنگ ۾ ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ باقاعدي درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن جي ڪاپي پڻ منظرِ عام تي اچي وئي آهي.درخواست ۾ مؤقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مومنه اقبال ان کان اڳ به نيشنل سائبر ڪرائم ايجنسي (NCCA) ۾ ثاقب چڍڙ خلاف شڪايت داخل ڪرائي چڪي آهي. اداڪاره پنهنجي درخواست ۾ الزام هنيو آهي ته کيس جان کان مارڻ جون ڌمڪيون ڏنيون ويون، هراسان ڪيو ويو ۽ بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.درخواست موجب ثاقب چڍڙ سال 2022 ۾ اداڪاره کي شاديءَ جي آڇ ڪئي هئي، پر پوءِ معلوم ٿيو ته هو اڳ ۾ ئي ٻه شاديون ڪري چڪو آهي. مومنه اقبال موجب جڏهن هن ثاقب چڍڙ سان تعلق ختم ڪيو ته صورتحال خراب ٿي وئي.اداڪاره الزام لڳايو ته ثاقب چڍڙ ۽ سندس گهر واري سميرا پاران کيس مسلسل ڌمڪيون ڏنيون وينديون رهيون. درخواست ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مختلف موقعن تي اداڪاره کي هراسان ڪيو ويو، جڏهن ته سندس شادي طئي ٿيڻ کانپوءِ واٽس ائپ تي مبينا طور اي آئي (AI) جي مدد سان تيار ڪيل تصويرن ۽ وڊيوز ذريعي بليڪ ميل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.مومنه اقبال وڌيڪ الزام هنيو ته سندس ڀيڻ کي به پيغامن ذريعي بليڪ ميل ڪيو ويو، جڏهن ته سندس مڱيندي حمزه کي به ڌمڪيون ڏنيون وينديون رهيون. اداڪاره مومنه اقبال پنهنجي وڪيلن سان گڏ ٿاڻي چوهنگ پهتي جتي هن لکت ۾ درخواست جمع ڪرائي. پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته درخواست ملڻ کانپوءِ معاملي جو قانوني جائزو ورتو پيو وڃي، جڏهن ته جاچ کانپوءِ وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو