اسلام آباد(بيورو رپورٽ) مخالف ڌر جي اتحاد پاڪستان ڊيموڪريٽڪ موومينٽ ۽ جمعيت علماءِ اسلام ف جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ڇنڇر تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان ڌار ڌار فون تي ڳالهه ٻولهه ڪري عدم اعتماد جي تحريڪ جي ڪاميابي بابت ٿيل پيش رفت بابت مشاورت ڪئي. ذريعن موجب ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه ۾ وزيراعظم خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي غور ويچار ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻنهي اڳواڻن نمبر گيم تي اطمينان جو اظهار ڪيو. هن نواز شريف کي ٻڌايو ته زرداري صاحب چوي ٿو ته پي پي جو لانگ مارچ جيئن اسلام آباد پهچندو ته ٻئي ڏينهن تي رٿ جمع ڪرائي وڃي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مولانا فضل الرحمان نواز شريف کي مخالف ڌر جي اڳڀرائي تي بريفنگ ڏني، ٻنهي اڳواڻن موجوده حڪومت کان قوم کي جلد کان جلد بچائڻ تي اتفاق ڪيو. ياد رهي ته مخالف ڌر حڪومت خلاف بي اعتمادي واري رٿ آڻڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ ٻه ڏينهن اڳ مولانا فضل الرحمان ان حوالي سان 48 ڪلاڪن اندر قوم کي خوشخبري ڏيڻ جو اعلان ڪيو هو.










