مولانا جي جاويد هاشمي سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات

مولانا جي جاويد هاشمي سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات

ملتان (نيوز ڊيسڪ): جمعيت علماءِ اسلام (جَي يو آءِ) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان ممتاز سياستدان مخدوم جاويد هاشميءَ سان سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي آهي.ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن ملڪي سياسي صورتحال، موجوده چئلينجن ۽ باهمي دلچسپيءَ جي مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. مولانا فضل الرحمان جاويد هاشميءَ جي سياسي استقامت ۽ جدوجهد تي کيس زبردست خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته سندس سياسي جدوجهد ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه آهي. هن رياستي ادارن پاران مبينا زيادتين ۽ مظالم جي سخت لفظن ۾ مذمت پڻ ڪئي. ان موقعي تي جَي يو آءِ جو صوبائي قائم مقام امير مولانا صفي الله، مولانا جمال عبدالناصر، صوبائي ترجمان حافظ غضنفر عزيز، ضلعي امير مفتی عامر محمود ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا.

پهنجو تبصرو موڪليو