ايڊووڪيٽ عبيدالله ڇڄڻ
هڪڙي پاسي ملڪ ۾ ٻيهر کاڌي پيتي جي شين جا اگهه وڌي رهيا آهن ته ٻئي پاسي وزيراعظم شهباز شريف، جيڪو هڪ تجربيڪار سياستدان آهي، جنهن اعلان ڪيو آهي ته ”پنهنجا ڪپڙا به کپائي عوام کي سستو اٽو فراهم ڪندس.“ پرنٽ ميڊيا ۾ ڇپيل خبرن موجب يوٽيليٽي اسٽورن تي عام واهپي وارين شين جي قيمتن ۾ واڌ ٿي وئي آهي، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب يوٽيليٽي اسٽورز تي ملندڙ دالين جي قيمتن ۾ 10 روپيا، بيسڻ جي في ڪلو قيمت ۾ 20 روپيا، کاڄري تيل جي في ليٽر قيمت ۾ 20 روپيا، جڏهن ته مختلف برانڊز جو في ليٽر کير به 20 روپيا ۽ 190 گرام چانهه جي پتي جي قيمت ۾ 12 روپيا اضافو ڪيو ويو آهي پر باوجود ان جي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ”جيڪڏهن عوام کي سستو اٽو نه مليو ته مان پنهنجا ڪپڙا کپائي عوام کي سستو اٽو ڏيندس.“ تازو شانگلا جي علائقي بشام ۾ جلسي کي خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ اٽي جي وڌندڙ قيمتن تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته آخر ڪيستائين اسان ڪستو کڻي گهمنداسين ۽ پننداسين، پر ڪستو کڻي گهمڻ سان عزت ناهي ملندي، ملڪ کي وجود ۾ ايندي 75 سال گذري ويا، روئڻ پٽڻ سان ڪجهه نه ٿيندو، بلڪه محنت ڪرڻ سان اسان جي پنڻ جي عادت ختم ٿيندي.
وزيراعظم شهباز شريف جي بقول ته پي ٽي آءِ جي حڪومت وڃڻ بعد کين وڏا وڏا چئلينجز درپيش آهن، ڇاڪاڻ ته ملڪي معيشت تباهه ٿيل ملي، ملڪ قرضن ۾ ٻڏل آهي، بجلي بحران ختم ٿيڻ جو نالو نٿو وٺي، ڪارخان بند پيل آهن ۽ اهڙا ٻيا کوڙ سارا مسئلا آهن، جن جي ڪري عوام ڀوڳي رهيو اهي. بهرحال، ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته حڪومت ايندڙ هر سياسي جماعت جي پنهنجي پنهنجي سوچ هوندي آهي، پر پي ٽي آءِ جي حڪومت لهڻ بعد اقتدار سنڀاليندڙ حڪومتي اتحاد کي هاڻ پسند ۽ ناپسند کان بالاتر ٿي ڪري ملڪ جي ٻاويهه ڪروڙ عوام جي خدمت لاءِ ڪم ڪرڻ گهرجي، اسان جو ملڪ اڳ ئي غربت، مهانگائي ۽ بيروزگاري جي ڪشمڪش ۾ گهيريل آهي، ان ڪري گڏيل مشاورت سان فيصلا ڪري عوام جي مفادن وٽان بهتري فيصلا ڪرڻ گهرجن. جيستائين آءِ ايم ايف سان گذريل حڪومت جي ڪيل معاهدن جو تعلق آهي ته ان حوالي سان موجوده ناڻي جي وزير مفتاح اسماعيل جو چوڻ آهي ته سندس حڪومت پيٽروليم مصنوعات تي وڌيڪ عرصي تائين سبسڊي نٿي ڏئي سگهي، ان ڪري آءِ ايم ايف سان ڳالهيون ڪري قرض پروگرام بحال ڪرائڻ لاءِ ڪو وچولو رستو ڪڍنداسين، ڇوته عمران خان ملڪي معيشت کي تباهه ڪرڻ لاءِ بارودي سرنگهه وڇائي ويو آهي، ڊيزل ۽ پيٽرول تي ٽئڪس ناهي ورتو، نتيجي ۾ نئين حڪومت مشڪل ۾ پئجي وئي آهي، جڏهن ته مئي ۽ جون ۾ تقريبن نوي ارب رپين جو خرچ آهي، جيڪو پاڪستان جي سويلين حڪومت کي هلائڻ لاءِ خرچ کان ٻيڻو آهي، جنهن کي اسين وڌيڪ جاري نٿا رکي سگهون.
ملڪي معيشت کي درپيش چئلينجز بابت حڪمرانن جي هي بيان پنهنجي جاءِ تي آهن پر انهي سڄي صورتحال جي باوجود هاڻ اقتدار عمران خان مخالف جماعتن جي هٿن ۾ آهي، جيڪي کيس مسلسل مهانگائي جو ذميدار قرار ڏئي رهيون هيون پر هاڻي جڏهن هو حڪومت ۾ آهن ته انهن جي بنيادي ذميداري آهي ته عوام کي وڌ کان وڌ رليف ڏيڻ لاءِ اهي سمورا وسيلا ڪتب آندا وڃن، جن ذريعي نه صرف عام ماڻهو سڪون جو ساهه کڻي سگهي بلڪه ملڪي معيشت به حقيقي معنيٰ ۾ بهتر ڪري سگهجي. ان ۾ ڪي به ٻه رايا ناهن ته موجوده حڪومت کي به اهڙي طرح قرضن جو بار، مهانگائي، بيروزگاري ۽ خزانو خالي ٿيڻ جا مسئلا ورثي ۾ مليا آهن، جيئن عمران خان کي سندس بقول ته مسلم ليگ (ن) جي حڪومت طرفان اهڙا بحران ورثي ۾ مليا هئا، پر فرق اهو آهي ته عمران خان وٽ نه تجربيڪار ٽيم هئي ۽ نه ئي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڪا واضح پاليسي، اهو ئي سبب آهي جو عمران خان جي حڪومت ساڍن ٽن سالن تائين اقتدار ۾ رهڻ جي باوجود به ملڪ کي پيش ايندڙ مسئلا حل نه ڪري سگهي ۽ نه وري عوام کي ڪو رليف ملي سگهيو. بلڪه ان جي ابتڙ ناقص پاليسين جي ڪري ملڪي مسئلا پهرين کان به وڌيڪ سنگين ٿي ويا، نه رڳو کاڌي پيتي جون قيمتون وڏي پئماني تي وڌيون پر عام ماڻهو لاءِ هڪ ويلي جي ماني کائڻ به ڏکي ٿي وئي، پيٽرول، گئس، ڊيزل، بجلي، گيهه، اٽي ۽ کنڊ جي قيمتن کي آسمان تائين پهچايو ويو، نتيجي ۾ غريب ماڻهو غربت جي زنجيرن ۾ وڌيڪ جڪڙجي ويو. پوءِ جڏهن شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ ۾ نئين حڪومت قائم ڪئي وئي ته ان پراڻي پاڪستان جا اهي سياستدان شامل ڪيا ويا، جن کي حڪومت ۽ سياست ڪرڻ جو وسيع تجربو آهي، عمران خان جي ٽيم جي ڀيٽ ۾ موجوده وفاقي حڪومت ۾ اهي وزير شامل ناهن، جن بابت چيو وڃي ته ٻاهرين ڊڪٽيشن تي اهي ڪابينا ۾ شامل ڪيا ويا آهن، ان کان علاوه عوام به انهن سياستدانن کان چڱي طرح واقف آهي، ماڻهن کي اها ئي اميد آهي ته موجوده وفاقي حڪومت ۾ شامل وزير ذميداري جو مظاهرو ڪندا ۽ هو عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ فرار ٿيڻ جي ڪوشش نه ڪندا، بلڪه هو کلئي نموني ملڪ کي درپيش چئلينجز جي قبول ڪندا ۽ اهڙا قدم کڻندا، جنهن سان خاص ڪري ملڪ جي مالي بحران تي ضابطو اچي سگهي، معاشي بدحالي، مهانگائي ۽ بيروزگاري گهٽ ٿي سگهي، ڇوته ان سان عوام کي رليف ملي سگهندو. صرف بيانن سان ڪم نه هلندو، جيتوڻيڪ وزيراعظم شهباز شريف طرفان عوام کي اها خاطري ڏيارڻ ڀلي ڳالهه آهي ته عوام کي سستو اٽو فراهم ڪرڻ لاءِ کيس پنهنجا ڪپڙا کپائڻا به پيا ته هو ان ۾ دير نه ڪندو، تنهن هوندي به وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس ٽيم کي جنگي ۽ هنگامي بنيادن تي ڪم ڪرڻو پوندو، اهڙيون پاليسيون ۽ حڪمت عمليون جوڙڻيون پونديون، جن تي عمل ڪري وڌ ۾ وڌ عوام کي فائدو ڏنو وڃي. ان کانسواءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ سندس اتحادي جماعتن کي ايندڙ چونڊن ۾ ڪاميابي حاصل ڪرڻي آهي ته انهن لاءِ پنهنجي ڪارڪردگي نمايان ۽ بهتر انداز ۾ ڏيکارڻ لاءِ هي ٿورو عرصو آهي، جنهن ۾ هو عوام جو ويساهه يقيني بنائي سگهن ٿا، ان ڪري موجوده حڪمرانن لاءِ هي امتحاني سال آهي، جيڪڏهن هو سٺي انداز ۾ آئيني، معاشي ۽ توانائي بحرانن کي حل ڪري ويا ته ايندڙ وقت انهن لاءِ هوندو، جڏهن عوام کين ڀرپور انداز ۾ ووٽ ڏئي ٻيهر چونڊيندو.










