موئن جو دڙو کي ’موهن جو دڙو‘ لکڻ جي منظوري

موئن جو دڙو کي ’موهن جو دڙو‘ لکڻ جي منظوري

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ ڪابينا ۾ مادري زبانن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سيد سردار شاهه چيو ته اسين صوبي جي سڀني ٻولين جي ترقي لاءِ ڪوشش ڪنداسين ۽ سڀني زبانن جو احترام ڪريون ٿا. سنڌ ڪابينا سينيٽ ۾ پيل مادري زبانن وارو بل جلد منظور ڪرڻ جو به مطالبو ڪيو. سنڌ ڪابينا موئن جي دڙو جو سرڪاري نالو موهن جو دڙو جي اسپيلنگ جي منظوري به ڏني. سردرا شاهه چيو ته ثقافتي ورثي بابت گڏيل قومن جو ادارو  يو اين آءِ ايس سي او به ان جو نالو موهن جو دڙو لکي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو