لاهور(ويب ڊيسڪ)مشهور فلم اسٽار ريشم تازو انڪشاف ڪيو ته سندس اصل نالو ريشم نه پر ڪجهه ٻيو آهي.هڪ خانگي ٽي وي چينل جي شو ۾ ريشم پنهنجي ڪيريئر ۽ ذاتي زندگي ۽ سماجي ڪمن بابت ڳالهايو.ريشم چيو ته منهنجو تعلق پنجاب جي شهر فيصل آباد سان آهي، منهنجو خاندان شوبز ڪيريئر جي شروعات کان اڳ لاهور هليو ويو.پنهنجي ڪيريئر جي شروعات بابت هن ٻڌايو ته هوءَ سرڪاري ٽي وي ڊرامن ۾ مختصر ڪردار نڀائيندي هئي ۽ اتان ئي سندس ڪيريئر جي شروعات ٿي، بعد ۾ کيس ليڊ رولز ملڻ شروع ٿيا.انٽرويو دوران اداڪارا انڪشاف ڪيو ته هن جو اصل نالو ريشم نه پر صائمه آهي جيڪو هن تبديل ڪيو ڇو ته ان نالي جي هڪ اداڪاره اڳ ۾ ئي هئي جيڪا شوبز ۾ مشهور هئي ان ڪري هن پنهنجو نالو تبديل ڪرڻ بهتر سمجهيو.ريشم چيو ته جڏهن سندس پهريون ڊرامو پي ٽي وي تي نشر ٿيو ته ان کان اڳ سندس وڏي ڀيڻ نالو تبديل ڪيو ۽ ڪافي سوچ ويچار کان پوءِ سندس نالو ريشم رکيو ۽ پهرين ڊرامي ۾ سندس نالو ريشم لکيو ويو.










