بدين(ن س)بدين ضلع جي شھر نئون دمبالو ۾ سرعام ھلندڙ منشيات خلاف اسڪولي ٻارڙن ۽ سول سوسائٽي گڏيل احتجاجي ريلي ڪڍي شھر جي گشت ڪندي منشيات جي ڪاروبا خلاف سخت نعري بازي ڪئي ۽ منشيات بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو تفصيل موجب بدين ضلع جي شھر نئون دمبالو ۾ کلي عام ھلندڙ منشيات چرس شراب مين پڙي سفنيا گھٽڪي جو وڪرو ڪرڻ جي پوليس طرفان کلي ڇوٽ ۽ نوجوان نسل کي تباھ ڪرڻ جي خلاف شھر جي منھاج القران اسڪول جي ٻارڙن ۽ سول سو سائٽي پاران احتجاجي ريلي ڪڍي ويئي ريلي شھر جو گشت ڪندي منشيات جي خاتمي ۽ منشيات فروشن ۽ نئون دمبالو شھر سميت پسگردائي جي علائقن ۾ ايس ايڇ او ٽنڊو غلام علي محمود خان پٺاڻ طرفان منشيات وڪرو ڪرڻ جي کلي اجازت سان نوجوان نسل کي تباھ ڪرڻ خلاف پـ نعري بازي ڪئي ويئي شھري جو چوڻ آهي ته اسان جا ٻچا ھن منشيات زھر جا عادي ٿي رھيا آھن پوليس منشيات فروشن سان ٻٽ بڻيل آھي پوليس منشيات فروشن خلاف ڪا به ڪاروائي نٿي ڪري باقي شھر جي شريف ۽ غريب ماڻھن کي تنگ ڪري ٿي ا ھنن شھرين ۽ ٻارڙن وزير اعلي سنڌ آئي جي سنڌ ڊي آئي جي حيدرآباد کان فوري طور تي منشيات بند ڪرائي ۽ ايس ايڇ او ٽنڊو غلام علي کي ھٽائڻ جو مطالبو ڪيو آھي










