ملڪ تقريبن ڊفالٽ ٿي چڪو، رڳو اعلان ٿيڻو آهي: شيخ رشيد

ملڪ تقريبن ڊفالٽ ٿي چڪو، رڳو اعلان ٿيڻو آهي: شيخ رشيد

اسلام آباد(بيورو)عوامي مسلم ليگ جي سربراهه شيخ رشيد جو چوڻ آهي ته ملڪ تقريبن ڊفالٽ ٿي چڪو آهي، رڳو اعلان ٿيڻو آهي.پنهنجي هڪ بيان ۾ شيخ رشيد چيو ته بجلي 4 رپيا 50 پئسا في يونٽ مهانگي ڪئي وئي آهي، عوام جا اسٽال نه سڙي رهيا آهن، پاڻ روڊن تي اچي ويندا.اڳوڻي وفاقي گهرو وزير چيو ته ملڪ جي سموري سياست نومبر جي چوڌاري ڦري ٿي.ان کان اڳ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ پيشي کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي شيخ رشيد چيو ته عمران خان نه فوج ۽ نه ئي حڪومت کي تنگ ڪري رهيو آهي.صحافي سوال ڪيو ته ڇا توهان اڃا تائين مديني ۾ پيش آيل واقعي جي حمايت ڪندا آهيو؟ان تي شيخ رشيد چيو ته اوهان ان معاملي کي ڇڏي ڏيو، سمورن ڪيسن جي ايف آءِ آر هڪ ئي قسم جي آهن، مان ان واقعي جي وقت مديني شريف ۾ به موجود نه هو، جڏهن ڪجهه نه مليو ته اهي ڪيس ختم ڪري ڇڏيا. شيخ رشيد وڌيڪ چيو ته چيف جسٽس هميشه وانگر سٺو فيصلو ڏنو آهي ته اسان کي تنگ نه ڪيو وڃي، عدالت رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي ته ڪٿي ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، هاڻي فيصل آباد ۾ هڪ ڏينهن، اٽڪ ۾ هڪ ڏينهن. لاهور وڃڻو آهي ۽ هڪ ڏينهن ٿاڻي ڪوهسار؟ پوءِ سڄو مهينو ان ئي ڪم ۾ گذري ويندو، چيف جسٽس اڳ ۾ ئي سٺو فيصلو ڏئي چڪو هو پر شايد اهو فيصلو پوليس تائين پهچڻ ۾ گهڻو وقت لڳندو.

پهنجو تبصرو موڪليو