لکي غلام شاهه (نثارمنگي)رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمعو مهر ۾ 7 سالن جي معصوم نينگر سهراب مهر سان 4 ڄڻن وزير احمد مهر ۔ نثار احمد ۔ مجاهد احمد ۽ ٻين طرفان مبينا جنسي زيادتي جي ڪوشش ڪئي وئي جنهن بعد نينگر سهراب مهر جي والد ثناءُ الله مهر جي فرياد تي رستم ٿاڻي تي 4 جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ رستم پوليس ڳوٺ جمعو مهر تي چڙهائي ڪري مک جوابدار وزيراحمد مهر کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن کي رستم ٿاڻي تي لاڪپ ڪيو ويو آهي.










