ڊاڪٽرمبارڪ علي/ طفيل مگسي
جاگيرداراڻي معاشري ۾ عورت جي حيثيت سدائين ملڪيت واري هوندي آهي۔جتي هن جي آزادي۔حق ۽ راء مرد جي مرضي تي دارومدار رکندي آهي۔۽ ان معاشري جو مقصد اهو هوندو آهي ته اهڙن قدرن کي واڌ ويجھ ڏني وڃي۔جن جي وسيلي عورتن کي مرد جو فرمانبردار ۽ پوئلڳ رکيو وڃي ۽ سندس آزادي جا سمورا رستا محدود ڪيا وڃن ٿا۔هندستان ۾ مسلمان معاشرو ٻن طبقن ۾ ورهايل هو۔هڪ اشراف يا اميرن جو طبقو ۽ ٻيو ڪمتر ۽ عوام جو طبقو۔اعلي طبقي جيڪي ثقافتي و اخلاقي قدرن جون تخليقون ڪيون۔مثلا ناموس۔عزت۔عصمت۔شان و شوڪت جا بهترين قيمتي سامان۔هيرا جواهر۔هاٿي گهوڙا ۽ محلات رکندو هو ۽ نفيس لباس استعمال ڪندو هو۔هو انهيء ريت پنهنجي حرم ۾ خوبصورت عورتون گڏ ڪندو هو۔جيئين ٻيون قيمتي شيون ۽ جهڙي ريت هو قيمتي شين جي حفاظت ڪندو هو۔انهيء ريت گهر وارين جي حفاظت جي مقصد کان وڏين وڏين ڀتين وارا محلات تعمير ڪرائيندو هو ۽ پهري تي فوجي و کدڙا رکندو هو۔انهن تي پردي جي سخت پابندي هوندي هئي ته جيئن ٻين جي انهن تي نگاه نه پوي۔انهيء حرم ناموس۔عزت۔خانداني وقار جا قدر پيدا ڪيا۔انهن جاگيرداراڻن قدرن معاشري جي وچولي طبقي کي به متاثر ڪيو۔ليڪن عوام جي اڪثريت انهن قدرن کي نه اپنائي سگهي۔چاڪاڻ ته معاشي ضرورتون انهن کي هن ڳالھ تي مجبور ڪنديون هيون ته اهي گهر جي چوديواري کان نڪري ڪري معاش جي ڳولا ۾ هيڏانهن هوڏانهن وڃن۔هڪ هاري عورت گهر جي ڪم کانسواء ڍورن ڍڳن جي سارسنڀال ڪرڻ ۽ پوکن ۾ ڪم ڪرڻ تي مجبور هئي۔شهرن ۾ غريب خاندان جون عورتون اعلي طبقي کي ملازمون۔ نوڪرياڻيون۔ٻانهيون ۽ مغلاڻيون ميسر ڪنديون هيون۔اهي جاگيرداراڻا قدر هڪ طبقي تائين محدود رهيا۔جيڪو سياسي۔معاشي ۽ سماجي لحاظ کان معاشري جو اعلي طبقو هو۔مسلمانن جو اهو جاگيرداراڻو معاشرو سلاطين دهلي ۽ مغل خاندان جي حڪومتن تائين مضبوط رهيو۔ان معاشري ۾ عورت جو مقام محض هڪ شيء هو۔جيڪا مرد جي ملڪيت رهي ڪري آزادي۔خودي ۽ انا کي ختم ڪري چڏيندي هئي۔هن جي زندگي جنهن ڍنگ تي گذرندي هئي۔ان ۾ هوء ڌيء جي حيثيت سان فرمانبردار رهي ۽ ماء جي حيثيت سان اولاد جي پرورش ڪري۔انهن ٽنهي حيثيتن ۾ هن جون خواهشون ۽ جذبا ختم ٿي ويندا هئا۔هن کي اهو موقعو نه ملندو هو ته هوء بحيثيت عورت جي زندگي کان لطف ماڻي سگهي۔انهيء جاگيرداراڻي معاشري ۾ مرد کي اعلي مرتبو حاصل هو ۽ هن جي خواهش هئي ته انهن قدرن ۾ تبديلي نه اچي۔۽ اهڙي صورت پيدا نه ٿيئي ته عورت انهن زنجيرن کي ٽوڙي ڪري آزاد ٿي وڃي۔ليڪن وقت جي تبديلي سان گڏوگڏ انهن قدرن ۾ تبديلي اچڻ شروع ٿي۔مغربي خيالن و فڪرن ۽ تهذيب وتمدن هوريان هوريان اسان جي جاگيردارڻي معاشري کي متاثر ڪرڻ شروع ڪيو۔جن تبديلين پراڻن قدرن جي حامين کي چڪرائي چڏيو۔اهي حضرات معاشري ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي جا مخالف هئا ۽ خاص طور تي عورت جي مخصوص ڪيل مقام کي بدلائڻ تي قطعي تيار نه هئا۔ان طبقي جي نمائندگي هڪ وڏو عالم دين مولانا اشرف علي ٿانوي(۱۸۶۸ـ۱۹۴۳)پنهنجي لکڻي جي وسيلي عمومن ۽ بهشتي زيور لکي ڪري خاص ڪئي۔مولانا صاحب جو دور جديد ۽ قديم قدرن جي ٽڪرائن جو زمانو هو۔جڏهن ته پراڻو زندگي جو نظام ۽ ان جا قدر پنهنجي فرسودگي ۽ بدحالي جي پوئين مرحلن ۾ داخل ٿي ڪري دم ٽوڙي رهيا هئا ۽ جديد لاڙن و فڪرن جا گونچ ڦٽڻ شروع ٿي چڪا هئا۔مولانا آخري ڀيرو ان ڪرندڙ جاگيرداراڻي نظام کي مذهبي و اخلاقي سهاري سان روڪڻ جي ڪوشش ڪئي۔۽ اها ڪوشش به ڪئي ته عورت کي مذهبي بنيادن جي سهاري انهيء مقام تي رکيو وڃي جيڪو جاگيرداراڻي نظام هن جي لاء مخصوص ڪري رکيو هو۔عورتن جي تعليم و تربيت جي لاء مولانا بهشتي زيور جا ڏھ حصا لکيا۔ته جيئن ان جي مطالعي کانپوء عورت آساني سان مرد جي وڏائي کي تسليم ڪري ۽ پنهنجي غلامي تي نه بلڪ صرف راضي هجي بلڪ ان کي فخر جو سبب به سمجهي۔ان ڪتاب ۾ عورت کي سٺي غلام بنجڻ جو سموريون ترتيبون ۽ گر ٻڌايا ويا آهن۔مذهبي مسئلن کان وٺي ڪري کاڌو پچائڻ ۽ گهر جي سمورن طريقن جي وضاحت آهي۔جيڪا مرد کي خوش رکي سگهي۔ان لاء اهو دستور ٿي ويو ته بهشتي زيور جا اهي ڏهئي حصا(جيڪي هڪ ئي جلد ۾ هوندا آهن)ڏاج ۾ عورت کي ڏنا وڃن ٿا ته جيئن اها ان کي پڙهي ڪري ذهني طور تي غلامي جي لاء تيار رهي۔هتي هن ڳالھ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ته مولانا هڪ بهترين عورت جو جيڪو تصور بهشتي زيور ۾ پيش ڪيو آهي ان جو تجزيو ڪيو وڃي ۽ ان جي خيالن جو جاگيرداراڻي معاشري جي پسمنظر ۾ پيدا ٿيڻ واري ثقافت ۽ قدرن جو جائزو ورتو وڃي۔اڻويهين صدي جي پچاڙي ۽ ويهين صديء جي شروعات ۾ جديد مغربي تعليم مقبول ٿي چڪي هئي ۽ اسان جا فرد جديد گهرجن کي ورهائڻ جي باوجود عورت جي تعليم جا شديد مخالف هئا۔اهي مردن جي لاء ته جديد تعليم ضروري سمجهندا هئا۔مگر اهائي تعليم انهن جي ويجهو عورتن جي لاء نهايت خطرناڪ هئي۔سرسيد احمد خان صاف ڳالھ کان ڪم وٺندي ان حقيقت ڏانهن اشارو ڪيو ته اهي عورت جي تعليم جي لاء ان ڪري مخالف آهن۔چاڪاڻ ته جاهل عورت پنهنجن حقن کان اڻواقف هوندي آهي۔ان لاء مطمئن رهي ٿي۔جيڪڏهن اها تعليم يافته ٿي ڪري پنهنجن حقن کان واقف ٿي وئي ته ان جي زندگي عذاب ٿي ويندي۔سرسيد چوڪرين جا اسڪول کولڻ جي به مخالفت ڪئي ۽ هن ڳالھ تي زور ڏنو ته اهي صرف مذهبي ڪتاب پڙهن ۽ جديد زماني جا مڙهيل ڪتاب جيڪي بيڪار آهن انهن کان ڏور رهن۔مولانا اشرف علي ٿانوي عورتن جي لاء صرف مذهبي تعليم کي ضروري سمجهي ٿو۔چوته بي علم عورتون ڪفر و شرف ۾ فرق نٿيون ڪن ۽ نه ئي انهن ۾ ايمان ۽ اسلام جي محبت پيدا ٿيئي ٿي۔اهي پنهنجي جهالت ۾ جيڪي چاهين ٿيون بڪي چڏين ٿيون۔ان لاء انهن جي ايمان ۽ مذهب کي بچائڻ جي لاء انهن جي لاء دين جو علم نهايت ضروري آهي۔مولانا ديني تعليم کانسواء عورتن جي لاء ٻي هر قسم جي تعليم جو سخت مخالف آهي۔هن کي عورتن جي لاء نهايت نقصان ڪندڙ سمجهن ٿا۔مولانا صاحب چوڪرين جي اسڪول وڃڻ ۽ اتي تعليم حاصل ڪرڻ جو به سخت مخالف آهي۔چوته اسڪول ۾ مختلف قومن۔طبقن ۽ خيالن جون چوڪريون گڏ ٿينديون۔جنهن کان هن جا خيال ۽ اخلاق متاثر ٿيندا۔جيڪڏهن الله نه ڪري ته استادياڻي آزاد خيال ٿي ته مولانا ڪريم نم تي چڙهيو ۽ وڌيڪ اهو ته جيڪڏهن مشن جي ميم انگريزي تعليم ڏيڻ اچي وئي ته نه عزت جو خير ۽ نه ايمان سلامت رهندو۔ان جي ويجهو درست طريقو اهو آهي ته ٻه چار چوڪريون گهر ۾ پڙهن ۽ هڪ اهڙي استادياڻي وٺن جيڪا پگهار به نه وٺي۔چاڪاڻ ته ان سان تعليم برڪت واري ٿيئي ٿي(چوڪرين جي لاء ته ٿي سگهي ٿي۔مگر استادياڻي جي لاء نه). مولانا هن راز کان واقف هو ته ميل ۽ اشتراڪ سان خيالن تي ڳوڙهو اثر ٿيندو آهي۔ان لاء هو ان رستي کي محدود ڪرڻ چاهي ٿو ۽ خواهشمند هو ته عورت چوديواري کان قطعي ٻاهر پير نه رکي۔مولانا عورتن جي تعليم واري نصاب تي خاص طور تي زور ڏيئي ٿو ته جيئن ان جي وسيلي سان هڪ خاص قسم جو ذهن تيار ٿي سگهي۔ان لاء هو قرآن شريف۔ديني ڪتابن ۽ بهشتي زيور جي ڏهن حصن کي ڪافي سمجهندو هو۔بهشتي زيور جي سلسلي ۾ هو وڌيڪ وضاحت ڪري ٿو ته ان ۾ شرمناڪ مسئلن کي يا ته ڪنهن عورت کان سمجهيو وڃي يا نشان چڏيو وڃي ۽ سمجهدار ٿيڻ کانپوء پڙهيو وڃي۔ايستائين ته صرف پڙهڻ جي دليل جو ذڪر آهي۔جڏهن لکڻ جو سوال اچي ٿو ته مولانا هن ڳالھ تي وڌيڪ زور ڏيئي ٿو ته جيڪڏهن عورت جي طبعيت ۾ بيباڪي نه هجي ته لکرائڻ سکائڻ ۾ ڪو ڏوھ ناهي نه ته سيکارڻ گهرجي۔جيڪڏهن لکڻ سيکاريو به وڃي ته صرف ان قدر ته هو ضروري خط ۽ گهر جو حساب ڪتاب لکي سگهي۔بس ان کان وڌيڪ ضرورت ناهي۔عورتن کي ڪهڙا ۽ ڪنهن قسم جا ڪتاب پڙهڻ گهرجن ان پاسي تي مولانا خاص طور تي تمام گهڻو زور ڏيئي ٿو۔مثلا حسن و عشق جا ڪتاب ڏسڻ ۽ پڙهڻ جائز ناهن۔غزل ۽ قصيدن جا مجموعا ۽ خاص ڪري موجوده دور جا ناول عورتن کي قطعي نه پڙهڻ گهرجن بلڪ انهن کي خريد ڪرڻ به جائز ناهي۔ان لاء جيڪڏهن ڪو انهن کي پنهنجين چوڪرين وٽ ڏسي ته انهن کي فورن ساڙي چڏڻ گهرجي۔مولانا ڪتابن جي سلسلي ۾ ان قدر احتياط جو فرمانبردار آهي ته دين جي هر قسم جي ڪتابن کي به عورتن جي لاء نقصان وارو سمجهي ٿو۔چاڪاڻ ته اڪثر دين جي ڪتابن ۾ ڪيتريون ئي غلط ڳالهيون شامل هونديون آهن۔جن کي پڙهڻ سان نقصان ٿيندو آهي۔انکي هن ڳالھ تي به سخت افسوس آهي ته ان جي زماني ۾ عورتون هر قسم جا ڪتاب پڙهن ٿيون ۽ انهيء سبب کان انهن کي نقصان ٿي رهيو آهي۔عادتون بگڙي رهيون آهن ۽ خيال گندا ٿي رهيا آهن۔ان لاء مولانا جو خيال آهي ته دين جو جيڪڏهن ڪو ڪتاب پڙهڻو هجي ته ان کي پڙهڻ کان اڳ ڪنهن عالم دين کي ڏيکاريو ۔جيڪڏهن هو انهيء کي پڙهڻ منظور ڪري ته پڙهو نه ته نه پڙهو۔ليڪن ان کان به مولانا مطمئن نه ٿيو۔چوته ان کي شايد پاڻ کانسواء ڪنهن ٻيئي دين جي عالم تي ڀروسو ناهي ته غلطي سان اهو ڪنهن غلط ڪتاب کي پڙهڻ جي اجازت نه ڏئي چڏي۔ان لاء هو پاڻ انهن ڪتابن جي فهرست ڏيئي ٿو۔جن جو پڙهڻ عورتن جي لاء فائديمند آهي۔مثلا نصيحت المسلمين۔راسله عقيقيه۔تعليم الدين۔تحفته الزوجين۔فروغ الايمان۔اصلاح الرسوم۔بهشت نامو۔روزخ نامو۔تنبيه النساء۔تعليم النساء۔من و لهن نامو۔هدايت ۽ مرات النساء وغيره۔ان کانپوء مولانا صاحب انهن ڪتابن تي سنسر هڻي ٿو۔جن جو پڙهڻ نهايت ئي نقصان وارو آهي۔مثلا ديوان ۽ غزلن جا ڪتاب۔اندر سڀا۔قصو بدر منير۔شاه يمن۔داستان امير حمزه ۔گل بڪاولي۔الف ليلي۔نقش سليماني۔فال نامو۔معزه النبي۔آرائش محفل۔جنگ نامو۔حضرت علي ۽ تفسير يوسف۔تفسير يوسف جي باري ۾ مولانا وضاحت ڪري ٿو ته ان ۾ هڪ ته ڪچا داستان آهن ۽ ٻيون عاشقي و معشوقي جون ڳالهيون عورتن کي ٻڌڻ ۽ پڙهڻ نقصان جي ڳالھ آهي۔مرات العروس۔محضات ۽ ايمي جي باري ۾ مولانا چئي ٿو ته ڪي سٺيون ڳالهيون آهن۔مگر ڪي اهڙيون آهن جن کان ايمان ڪمزور ٿيئي ٿو۔ناول جي باري ۾ ان جو خيال آهي ته ان جو اثر سدائين برو هوندو آهي ۽ اخبار پڙهڻ سان وقت خراب ٿيندو آهي۔مولانا جي انهن خيالن کان عورتن جي تعليم جي باري ۾ ان جو نظريوچٽو ٿي ڪري اسان جي سامهون اچي ٿو ته هو عورت جي لاء سدائين نهايت محدود۔تعليم جو گهرجائو هو ۽ جاهل رکي ڪري جاگيرداراڻن قدرن جو تحفظ ڪرڻ چاهيندو هو۔ جاگيرداراڻي معاشري ۾ مرد جي فضيلت جو هڪ بنياد اهو به هوندو آهي ته مرد خانداني معاش جو ذميوار هوندو آهي ۽ عورت معاشي طور تي ان جي محتاج هوندي آهي۔محتاجي جي سبب ان ۾ ان قدر همت پيدا نٿي ٿيئي ته هو پاڻ کي مرد جي غلامي کان آزاد ڪرائي ۽ مرد جي وڏائي يا برتري کي چيلينج ڪري سگهي۔مولانا ان ضمن چئي ٿو ته معاش جي ڳولا صرف مردن جي لاء ضروري آهي ۽ اهو ان جو فرض آهي ته عورتن جو خرچ پاڻي پورو ڪري۔خرچ پاڻي جي وضاحت ڪندي لکي ٿو ته ماني ڪپڙو مرد جي ذمي واجب آهي۔جڏهن ته گهر جو ڪم ڪار ڪرڻ عورت تي واجب آهي۔تيل۔ڦڻي۔صابڻ۔وضو ۽ وهنجڻ جي پاڻي جو بندوبست مرد جي ذمي آهي۔مگر مساڳ۔پان ۽ تماڪ ان جو ذمو ناهي۔ڌوٻي جي پگهار مرد جو ذمو ناهي ۽ عورت کي گهرجي ته ڪپڙي کي پنهنجي هٿ سان ڌوئي ۽ جيڪڏهن ان جي لاء پئسا ڏيئي ته اهو سندس احسان آهي۔جاگيرداراڻي معاشري ۾ مڙس عورت جي لاء مجازي خدا جو درجو رکي ٿو۔ان ڪري عورت جي لاء ضروري هوندو آهي ته مڙس جي خلاف ورزي ڪري ته اها معاشري جي قدرن جي خلاف ورزي تصور ڪئي وڃي ٿي۔مولانا ان حالت ۾ عورتن کي جيڪي هدايتون ڏنيون آهن۔ان کان اندازو ٿيئي ٿو ته هو مرد جي برتري کي مذهب ۽ اخلاق جي بنياد تي قائم رکڻ چاهي ٿو۔هو هن ڳالھ تي زور ڏيئي ٿو ته عورت کي مڙس جا سمورا حڪم بنا ڪچڻ جي پورا ڪرڻ گهرجن۔ايستائين ته جيڪڏهن اها چئي ته هڪ جبل کان پٿر کڻي ٻيئي جبل تي کڻي وڃ ۽ پوء ٻيئي کان ٽين تائين ته ان کي اهوئي ڪرڻ کپي۔جيڪڏهن مڙس پنهنجي زال کي پاڻ وٽ ڪنهن ڪم لاء سڏي ۽ هو چلھ تي ويٺي هجي تڏهن به ان جي ڪم جي لاء هن کي فورن اٿڻ گهرجي۔ايستائين ته مرد جي فرمانبرداري ضروري آهي ته جيڪڏهن ان جي مرضي نه هجي ته نفلي روزا نه رکي ۽ نفلي نماز نه پڙهي۔عورت جي لاء ضروري آهي ته مرد کي خوش رکڻ جي لاء هارسينگار سان گڏ رهي۔جيڪڏهن مرد جي چوڻ جي باوجود هار سينگار نه ڪري ته مرد کي مارڻ جو اختيار آهي۔هن کي کپي ته مڙس جي اجازت کان بنا ڪيڏانهن نه وڃي۔نه مائٽن وٽ نه ڌارين وٽ۔مولانا زال جو مقصد زنده مڙس جي خوشي قرار ڏيئي ٿو۔ان سلسلي ۾ هن عورت جي لاء مڪمل هدايتون پيش ڪيون آهن۔مثلا مڙس جو خيال دل ۾ رکيون پيون هجي۔هن جي اک جي اشاري تي هلي۔جيڪڏهن هو حڪم ڪري ته سڄي رات هٿ ٻڌيون بيٺي رهي ته ان حڪم جي به تعميل ڪري۔چوته ان ۾ عورت جي ڀلائي آهي۔جيڪڏهن هو ڏينهن کي رات ٻڌائي ته عورت به ڏينهن کي رات چوڻ لڳي۔مڙس کي ڪڏهن به برو نه چوڻ گهرجي چوته ان سان دنيا ۽ آخرت ٻئي خراب ٿين ٿيون۔مڙس کان ڪڏهن وڌيڪ خرچ نه گهرڻ کپي ۽ نه ئي ان کان ڪا فرمائش ڪرڻ گهرجي۔جيڪڏهن عورت جي ڪا خواهش پوري نه ٿيئي ته خاموش رهڻ گهرجي ۽ انهيء جي باري ۾ ڪنهن کي هڪ لفظ به نه چوي۔ڪڏهن ڪنهن ڳالھ تي ضد نه ڪرڻ گهرجي۔جيڪڏهن مڙس کان ڪا تڪليف هجي به ته ان تي به خوشي ظاهر ڪرڻ گهرجي۔جيڪڏهن ڪڏهن ڪا شيء آڻي ڏيئي ته اها هن کي پسند اچي نه اچي۔ليڪن ان تي خوشي جو اظهار ڪرڻ کپي۔جيڪڏهن مڙس کي ڪاوڙ اچي وڃي ته اهڙي ڳالھ نه ڪرڻ گهرجي ته اڃا وڌيڪ ڪاوڙ اچيس۔سندس مزاج کي ڏسي ڪري ڳالھ ڪرڻ گهرجي۔جيڪڏهن هو خوش ٿيڻ جي موڊ ۾ آهي ته هن کي خوش ڪرڻ واريون ڳالهيون ڪري۔مڙس کي ڪڏهن به پنهنجي برابر نه سمجهو ۽ ان کان ڪنهن قسم جي خدمت نه وٺو۔جيڪڏهن هو ڪڏهن زور ڏيڻ لڳي ته ائين نه ڪرڻ ڏيوس۔اٿندي ويهندي۔ڳالھ ٻولھ مقصد ته هر ڳاله ۾ ادب ۽ تميز جو خيال نهايت ضروري آهي۔جيڪڏهن مڙس پرديس کان اچي ته هن کان طبعيت پچڻ گهرجي۔هن جي پيرن ٻانهن کي زور ڏيڻ گهرجي ۽ فورن هن جي لاء کاڌي پيتي جو بندوبست ڪرڻ گهرجي۔جيڪڏهن گرمي جي موسم هجي ته پکو کڻي هن کي جهلڻ گهرجي ۽ ان کي آرام رسائڻ عورت جي فرضن منجهان آهي۔گهر جي مامرن ۾ مولانا هدايتون ڏئي ٿو ته زال کي اهو حق ناهي ته مڙس کان پگهار جو حساب ڪتاب پچي ۽ چوي ته پگهار ته گهڻي آهي۔ايتري چو آندي اٿئي۔يا گهڻو خرچ ڪري وڌئي ۽ ڪنهن شيء ۾ ايترا پئسا خرچ ڪيئي وغيره۔انهيء ريت مڙس جي هر شيء سليقي سان رکو۔رهڻ جو ڪمرو۔وهاڻو ۽ ٻيون شيون صاف هئڻ گهرجن۔جيڪڏهن مڙس ڪنهن ٻي عورت سان ملي ٿو ته هن کي اڪيلائي ۾ سمجهائي۔پوء به نه سڌري ته صبر ڪري ويهي رهي ماڻهن جي سامهون۔ان جو ذڪر نه ڪري۔ان ضمن ۾ مولانا چئي ٿو ته مردن کا خدا شينهن بڻايو آهي۔پريشر يا زبردستي سان قطعي ڪنٽرول ۾ نٿو اچي سگهي بلڪ ان کي چاپلوسي ۽ تعابيداري سان ڪنٽرول ڪري سگهجي ٿو۔ان سلسلي ۾ مولانا عورت جو ذڪر ڪري ٿو ته لکنو ۾ هڪ زال جو مڙس بيڪار آهي۔جيڪو ڏينهن رات بازاري عورت وٽ رهي ٿو۔گهر ۾ بلل نٿو اچي بلڪ فرمائش ڪري کاڌو پچائي ڪري ٻاهر گهرائي ٿو۔هوء ويچاري انڪار نٿي ڪري بلڪ جيڪو مڙس چئي ٿو ان جي فرمائش پوري ڪري ٿي۔ڏسو سموري خلق ان زال کي ڪيئن واه واه ڪري ٿي ۽ خدا وٽ جيڪو ان کي مرتبو مليو اهو الڳ رهيو۔وڌيڪ هدايتن ۾ اهي به آهن ته سس۔سهري ۽ نڻاڻن سان الڳ رهڻ جي ڪوشش نه ڪرڻ کپي۔ساهرن کي ئي پنهنجو سڀ ڪجھ سمجهڻ گهرجي۔مڙس ۽ وڏن جو نالو وٺي ڪري سڏڻ مڪروه ۽ منع آهي۔عورت جي لباس جي مامري ۾ به مولانا وضاحت ڪري ٿو ته شريعت جي خلاف لباس نه پائڻ گهرجي۔جيئن سنهڙو پاجامو يا اهڙو ڪرتو جنهن ۾ پيٽ۔پٺي۔يا ٻانهون کليل هجن۔يا اهڙو سنهڙو ڪپڙو جنهن ۾ بدن يا مٿي جا وار ڏيک ڏين۔عورت جي لاء بهترين لباس اهو آهي ته ٻانهن وارا جورابا۔ٿلهي ڪپڙي جو ڪڙتو ۽ انهيء ڪپڙي جو رئو استعمال ڪري۔مولانا عورت کي گهر ۾ رکڻ جو حامي آهي۔ان سلسلي ۾ هن جيڪو پروگرام تيار ڪيو آهي اهو ويچار جي لائق آهي۔مثلا ماء پيء کي ڏسڻ جي لاء هفتي ۾ هڪ ڀيرو وڃي سگهي ٿي۔ٻين مائٽن سان سال ۾ هڪ ڀيرو ان کان وڌيڪ جو هن کي حق ناهي۔ساڳئي ريت ماء پيء به هفتي ۾ هڪ ڀيرو ملڻ جي لاء اچي سگهن ٿا۔مڙس کي اختيار آهي ته وڌيڪ نه اچڻ ڏيئي يا وڌيڪ نه ترسڻ ڏيئي۔هو محفلن ۾ اچڻ وڃڻ کي غيرت جي لاء نقصان وارو سمجهي ٿو۔شادي۔سالگره۔چٽي۔طوهر۔عقيقي ۽ مڱڻي وغيره وارين رسمن ۾ قطعي نه وڃڻ گهرجي۔انهيء ريت نه ڏک ۾ ۽ نه بيمار کان پڃڻ لاء وڃڻ گهرجي۔جيڪڏهن مڙس اجازت ڏيئي ته اهو به گنهگار ٿيندو۔ان کانپوء مولانا وڏي افسوس سان لکي ٿو ته :افسوس ان حڪم تي سڄي هندستان ۾ ڪٿي به عمل ناهي بلڪ ان کي ته جائز ئي نٿا سمجهن۔اچڻ وڃڻ جي خلاف مولانا جا اهي دليل آهن۔ان ۾ قيمتي وڳا سبرائڻا پون ٿا ۽ اها فضول خرچي آهي۔جنهن جي ڪري مڙس تي ٻوجھ پوي ٿو۔پوء درزي کي گهرائي ڪري بنا ضرورت ان سان ڳالهيون ٿين ٿيون۔ڪپڙا وٺڻ وقت اڌ هٿ جنهن ۾ مهندي ۽ چوڙي هوندي آهي۔ٻاهر ڪڍڻو پوي ٿو۔جيڪو غيرت و حميت جي خلاف آهي۔وري ائين به ٿيندو آهي ته رات جي وقت پنڌ گهر وڃن ٿيون۔جيڪا نهايت ئي بي حيائي آهي ۽ جيڪڏهن چانڊوڪي هجي ته ان جي ڪا انتها ئي ناهي۔ڏولي ۾ به اڪثر ائين ٿيندو آهي ته پلاند يا رئو ٻاهر لڙڪي رهيو آهي يا ڪنهن پاسي پردو مڪمل ڪيو ويو يا عطر ان قدر آهي ته رستي ۾ خوشبو ئي خوشبو آهي۔اهو اوپري مرد جي سامهون هارسينگار ظاهر ڪرڻ جي برابر آهي۔عورتون اهو به ڪن ٿيون ته ڏولي کان لهڻ ۽ هڪدم گهر ۾ داخل ٿي ويون۔پر اهو خيال نٿيون ڪن ته گهر ۾ ڪو اوپرو ويٺو هجي۔محفل ۾ بهشتي اچي ٿو ته منهن تي نقاب وجهي چڏي ٿو۔مگر ڏسڻو سڀني کي آهي۔ڪي ڀيرا ڏهن ٻارهن سالن جا چوڪرا گهر ۾ اچي وڃن ٿا۔جنهن کان بي پردگي ٿيئي ٿي۔انهن سببن جي بنياد تي ڪنهن محفل و رسم ۽ ملڻ جلڻ جي سبب کان گهر کان نڪرڻ اهي بي حيائي خيال ڪن ٿا۔بهشتي زيور کان هن ذهن جي پوري پوري چٽائي ٿيئي ٿي ته جيڪو هندستان ۾ جاگيرداراڻي ثقافت ۽ قدرن ٺاهيو هو۔ليڪن ڀهشتي زيور جديد خيالن و فڪرن ۽ سماجي شعور کي نه روڪي سگهيو ۽ قديم روايتن جي فرسودگي کي انهيء جي وسيلي ڪو استحڪام نه مليو۔
(ڊاڪٽر مبارڪ علي۔۔۔الميه تاريخ پهريون حصو باب نمبر 7 جو ترجمو).










