معاشرو ۽ فلسفو

معاشرو ۽ فلسفو

تحرير طفيل مگسي

سائنس ۽ ٽيڪنالوجي هن وڄ جهڙي تيز رفتار دور ۾ فلسفي جي اهميت کي ڄاڻڻ وار هينئر ڪي ئي فرد رهيا آھن.ليڪن ان جو قطعي اهو مطلب ناهي ته انساني زندگي ۽ فلسفي جو ڪو تعلق ناهي.بلڪ اهو تعلق ته انسان جي وجود سان گڏ جنم وٺي ٿو ۽ وقت گذرڻ سان گڏوگڏ اهو تعلق اڃا وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آھي.فرق صرف ايترو آھي ته جيڪو ڌيان ٻين علمن تي ڏنو ويو اهو فلسفي تي نه ڏنو ويو.حالانڪ فلسفي کانسواء ٻيا علم بلڪل ائين ئي پٿر جي بت جيان آھن.جهڙي ريت رت جي بنا جسم.فسلفو جنهن کي اسان انگريزي ۾ Philosophy سڏيون ٿاهن جي شروعات ته ان وقت کان ئي ٿي چڪي هئي جڏھن انسان پهريون ڀيرور هن دنيا ۾ اک کولي.۽ پنهنجي تخليقي ڪائنات جي باري ۾ سوال ڪرڻ شروع ڪيا.جڏھن هن غون شروع ڪيو ۽ ذھن ۾ پيدا ٿيڻ وارن سوالن جي جوابن ۽ غور وفڪر جي نتيجي ۾ پيدا ٿيڻ وارن خيالن جي مدد سان انسان ڪائنات جي خالق کي سڃاتو.لفظPhilosophy اصل ۾  Greek لفظن   Philo ۽  Sophia جو مرڪب آھي.جنهن جي انگريزي ۾ معني  love of  Wisdom  جي آھي.يعني علم وحڪمت جو چاه ۽ جستجو.مذھبي نقط نظر ۾ ڏٺو وڃي ته ادلام به علم جي حاصلات جو حڪم ڏيئي ٿو.۽ لفظ“اقراء“ سان قرآن جي شروعات ٿيڻ سان اها ڳالھ چٽي ٿي وڃي ٿي ته علم جي گهرج وجستجو جي اهميت تي اسان جو مذھب به زور ڏيئي ٿو.دنيا جي اعتبار کان ڏٺو وڃي ته   knowledge  يا“ڄاڻڻ جي عمل“تي سڀ کان وڌيڪ زور ڏيڻ وارو دائرو فلسفي جو آھي.ليڪن افسوس ته اڄ فلسفي جي نالي کان ته ڪافي ماڻھو واقف هوندا مگر نهايت ئي گهٽ ماڻھو اهڙا هوندا جيڪي فلسفي جي درست معني ۽ انساني زندگي ۾ ان جي ڪردار کي سمجهندا هجن.جيڪڏھن ائين چيو وڃي ته فلسفي جو بنياد انسان جي سوچ وشعور آھي ته غلط نه ٿيندو.انسان جي سوال ڪرڻ جي صلاحيت ئي هن ڳالھ جو ثبوت آھي ته ان ۾ علم وحڪمت جو چاه موجود آھي.هو ڪجه شين کان لاعلم آھي۽ ان جو علم حاصل ڪري هو پنهنجي وجود جي حقيقت کي سڃاڻڻ چاهي ٿو.دنيا جي حقيقت ۽ تخليق جي باري ۾ ڄاڻڻ چاهي ٿو.انساني فطرت جي انهن سڀني سببن تي صرف هڪ فسلفي ئي ويچار ڪري ٿو.۽ ائين هڪPhilosopher   باقي ماڻھن کان ڪجھ مختلف نظر اچي ٿو.ان جي رويي ۾ چٽي ٿيڻ واري تبديلي جو سبب اصل ۾ اهو آھي ته اهو علم کي صرف انفرادي مفاد جي حاصلات جو ذريعو نٿو ڄاڻي بلڪ ان علم جي مدد سان هو مختلف حيقيقتن کي جانچي ٿو ۽ ڪنهن به شيء کي پنهنجي عقل جي ڪسوٽي تي پرک ڪري غلط يا درست تسليم ڪري ٿو.جيڪڏھن فلسفي جي برانچ “اخلاقيات Ethics   جي ڳالھ ڪئي وڃي ته اها برانچ انسان ۽ معاشري جي تعلق ۽ معاشرتي زندگي ۾ گڏيل تعاون جي مسئلن تي روشني وجهي ٿي.ڇوت فلسفي جي نظر سان جيڪڏھن زندگي کي ڏٺو وڃي ته زندگي صرف.کائڻ.پيئڻ.سمهڻ جاڳڻ يا مستي جو نالو ناهي .اهي سمورا پاسا ته جانورن جي زندگي ۾ به موجود آھن.سوال اهو پيدا ٿيئي ٿو ته اها ڪهڙي شيء آھي جيڪا انسان کي جانور کان مختلف بڻائي ٿي؟ بيشڪ فرق آھي اخلاقيات جو.درست ۽ غلط جي فرق واري صلاحيت جو.حق وباطل جي باري ۾ سوچ سمجھ جو.۽ انهن سمورين شين تي هڪ باشعور انسان ئي ويچار ڪري سگهي ٿو.جيڪڏھن اهو چاهي ته ان فرق کي جيڪڏھن ڪجھ دير جي لاء وساري ڇڏي ته انسان ۽ جانور جون خصلتون هڪ جهڙيون آھن.انسان جي فڪر جو انداز ۽ انساني شعور جي خوبي بيشڪ ان کي باقي سڄي مخلوقات کان افضل بڻائي ٿي.ارسطو ان ڳالھ کي ڪجه هينئن بيان ڪري ٿو Main is a social animal.هڪ معاشري ۾ رهندي اسان کي هڪ ٻئي جو احترام ڪڏھن ته پنهنجين ضرورتن ۽ مختلف معاشرتي پريشر جي مدنظر رکڻو پوي ٿو.جيئن ته ڪنهن آفيس يا اداري ۾ باس يا سينئر جو احترام ڪرڻ به ضروري آھي ۽ مجبوري پڻ آھي.ڪڏھن احترام جي سبب کان فرضن جي ادائيگي به ٿيئي ٿي.مثلا پيء ماء ۽ استادن جو احترام وغيره.مقصد اخلاقيات Ethics فلسفي جي اها شاخ آھي.جيڪا انهن سمورن مسئلن تي روشني وجهي ٿي.۽ انهن جي حل جي لاء به رستو صاف ڪري ٿي.  نه صرف انساني روين ۾ تبديلي جو سبب بڻجي ٿي بلڪ معاشرتي خامين کي ختم ڪرڻ ۽ انهن جي روڪ ۾ پڻ ڪم اچي ٿي.اهي فائدا صرف معاشرتي زندگي تائين ئي محدود ناهي بلڪ انفرادي زندگي تي به ان چٽا اثر مرتب ٿين ٿا.هڪ پاسي Ethics  زندگي ۾ رابطا ۽ تسلسل پيدا ڪرڻ جا رستا صاف ڪري ٿي ته ٻئي پاسي Philosophy ٻين علمن جي جانچ جو طريقو به ٻڌائي ٿي.مثال جي طور تي Philosophy of science  نه صرف سائنس جي مختلف ٿيورن کي فلسفي جي روشني ۾ جانچيو بلڪ مختلف ٿيوريز جي مدت جي کوٽ واڌ ۽ مذھبي معاشرتي ۽ سياسي  جيڪي هن جي ڪاميابي ۽ ناڪامي تي اثرانداز ٿيا.انهن  کي به چٽو ڪيائين.اهي اهڙا عنصر هئا جيڪي ان کان اڳ يا ته ڪنهن جي نظرن ۾ نه آيا يا پوء ڪنهن انهن عنصرن  کي اهميت نه ڏني هئي. صرف اتي ئي ڳالھ ختم نٿي ٿيئي بلڪ دنيا ۽ ان جي اندر موجود مخلوق جي وجود جي حقيقت ۽ ان سان لاڳاپيل کي ڄاڻڻ جي لاء  به  Philosophy  خدمتون انجام ڏيئي ٿي.ڪائنات جي وجود جي باري ۾ سوالن جا جواب فلسفي جي برانچ Metaphysics تلاش ڪري ٿي. فزڪس جيان صرف نظرن جي سامهون موجود شين جي باري ۾ علم  Metaphysics  جو مقصد ناهي بلڪ ڪائنات جي تخليق ۽ ان سان جڙيل ڪيترائي سوالن جا جواب اصل ۾ جا بنياد آھن.اڄ نهايت ئي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا ماڻھو آھن.جيڪي  Philosophy  جي فلسفي جي اهميت ۽ معاشري ۾ سندس ڪردار کي ڄاڻين ٿا ۽ اڪثر فلسفي  کي ماڻھو محض فضول ماڻھن جي وندر سمجهن ٿا.جنهن جو هڪ سبب شايد اهو به ٿي سگهي ٿو ته ماڻھوPhilosophy جي سبجيڪٽ کان واقف ناهن.ڇوت اسڪول جي سطح تي  Philosophy کي اڄ تائين مضمون جي حيثيت ناهي ڏني وئي.۽ فلسفي کي پاڪستان ۾ نهايت ئي گهٽ يويورسٽين ۾ پڙھايو وڃي ٿو.۽ ان شعبي جي ڊگري کي به ٻين شعبن جي ڊگرين جي ڀيٽ ۾ نيچ سمجهيو وڃي ٿو.جنهن جو سبب شايد اهو آھي ته اڄ صرف اسان جي ملڪ کي مشينون هلائڻ وارن دماغن جي ضرورت آھي.اسان جي ملڪ کي صرف ڊاڪٽرز جي ضرورت آھي.جيڪي کنگھ وزڪام جهڙن بيمارين جو اعلاج ڪن.ليڪن شايد معاشرتي بيمارين ۽ برائين سان اعلاج ڪرڻ واري فلسفي جي ضرورت ناهي.نه ملڪ کي هلائڻ وارن ۽ ان کي ترقي جي رستي تي وٺي وڃڻ وارن کي کوٽ محسوس ٿيئي ٿي.ليڪن ان جو قطعي مقصد اهو ناهي ته فسلفو پنهنجي اهميت وڃائيندو پيو وڃي.فلسفو سدائين کان هڪ مضبوط سوچ جي بنياد رهيو آھي ۽ اڄ پڻ.ليڪن بس افسوس ايترو آھي ته اسان جي ملڪ ۾ هن کي اهو مقام حاصل ناهي جيڪو هن جو حق ٿيئي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو