معاشرو، جهموريت ۽ جهموري گهرجون

معاشرو، جهموريت ۽ جهموري گهرجون

طفيل مگسي
دنيا جي ترقي پذير ۽ ترقي يافته معاشرن ۾ جهموري سياسي نظام کي نهايت احترام ۽ عزت بخشي ويندي آھي.ليڪن اسان وٽ جهموريت ئي سڀ کان بدترين تصور ڪئي ويندي آھي ۽ جهموريت جي هوندي اهڙيون حالتون پيدا ڪيون وينديون آھن ته جيئن مارشل لا جو رستو صاف ڪيو وڃي .ڇوت هن ملڪ جي سياستدانن توڙي عوام کي جهوريت سان بدھاضمو ٿي ويندو آھي .جڏھن مارشل لا سان سندن هاضمو صحيح سلامت ڪم.ڪندو آھي.پر چوندا آھن ته جهموريت ڪيتري به لولي لنگڙي ڇو نه هجي هزارين مارشلائن جي ڀيٽ ۾ بهترين هوندي آھي.هتي اهو سوال پيدا ٿيئي پيو ته جيڪڏھن جهموريت بهترين ۽ نهايت اتم آهي ته پوء ڇو ان جهموريت کي ايشيائي.افريقائي ۽ يورپي ملڪ دل سان سانڍيون پيا آھن.۽ اتان جو عوام ڇو جهموريت سان ايتري محب.انس عقيدت رکي ٿو.؟اها حقيقت عالم آشڪار آھي ته منطقي طور تي هر ڳالھ جو ڪو نه ڪو سبب ضرور هوندو آھي.انساني فطرت جو اهو جذبو هوندو آھي ته خوبين ۽ فائدن ڏانهن وڌيڪ ڊوڙندو آھي.ڇاڪاڻ ته جنهن شيء ۾ گڻ ھوندا.معاشرا ۽ ان جا فرد اوترو ئي ان کي اپنائڻ ۾ دلچسپي وٺندا.ان صورتحال جي پيش نظر يقينن جهموري نظام ۾ ڪا اهڙي ذڪر جي قابل ۽ غير معمولي ڪشش ضرور هوندي ته دنيا جي ڪنڊ ڪرڇ ۾ جهموريت بهترين نظام.جو پڙاڏو گونجندو رهي ٿو.پوء ته يقينن ان جهموريت ۾ عوام جي لاء خوشحالي .ترقي ۽ ان جي بقا جو ڪو اهڙو نظام ضرور به ضرور هوندو ته هر معاشرو پنهنجي سياسي ادارن کي انهيء نظام سان جوڙڻڻ ۽ وقت جي ضرورت تحت گهر ڪري ٿو.
مختلف سياسي ڏاھن .مدبرن ۽ اسڪالرن جهموريت جي تعريف پنهنجي نقط نگاه سان ڪئي آھي.معاشري جي هر طبقي جي لاء خوشحالي ۽ فلاح جي لاء ڪم.ڪندا ۽ اهي ڪنهن به مرحلي تي آمراڻي تسلط ۽ آمراڻي ذھنيت کي پاڻ وٽ نه اچڻ ڏيندا بلڪ هو پنهنجين اختيارن کي عوامي دائري جي اندر استعمال ڪندي عوام جي مفادن جو تحفظ ڪندا.جنهن سان معاشري جي فردن ۾ سياسي ۽ شعوري نظم وضبط جا گر پيدا ٿي سگهن ٿه جيئن رياست جا بنياد به وڌيڪ سگه حاصل ڪري سگهن.جهموريت جي انهن سڀني تعريفن منجهان سابق امريڪي صدر ابراهم لنڪن جي پيش ڪيل جهموريت جي تعريف اسان کي حقيقت سان تمام ويجهو نظر اچي ٿي.بقول لنڪن جي ته جهموريت عوام جي حڪومت عوام جي ذريعي ۽ عوام جي لاء آھي.يعني ان نظام ۾ سمورا مامرا عوام جي خواهش ۽ مرضي جي مطابق انجام ڏنا ويندا آھن .جهموري نظام ۾ عوام پنهنجي مرضي ۽ خوشي سان پنهنجا سمورا اختيار پنهنجن عوامي نمائندن کي ان شرط تي ڏيندو آھي ته هو انهن جي سياسي.معاشي ۽ معاشرتي حقن جا ضامن هوندا آھن ۽ ھر قيمت تي انهن جي نظم وضبط .اتحاد .احساس ذميواري ۽ شھري مفادن جو تحفظ ڪن.ڇاڪاڻ ته جنهن معاشري ۾ نظم وضبط هوندو.انهيء معاشري ۾ جهموريت جو ٻوٽو وڌندو ۽ جتان جا شھري پاڻ ۾ ھڪ هوندا .انهن ۾ ڪنهن به قسم جو لساني تعصب نه هوندو.۽ اتان جي عوام ۾ هڪ ئي احساس ۽ ان معاشري جي ماڻھن ۾ ذميواري جا جذبا هوندا ته تڏھن ان معاشري جا عوام جهموري ذھن رکڻ وارا جهموريت پسند سڏبا ۽ گڏوگڏ ھو پنهنجن نجي مسئلن کي پوئتي ڇڏي گڏيل مسئلن جي لاء ويڙھ پڻ ڪندا.
يورپي.افريقائي ۽ ايشيائي معاشرن ۾ جت ڪٿ جهموري نظام رائج آھي ۽ اتي ان سسٽم.کي رائج ڪرڻ کان اڳ عوام ۽ جهموري تربيت جو خاص بندوبست ڪيو ويو آھي.اتي جو عوام ۾ جهموري فڪر کي فروغ ڏنو ويو.۽ ايستائين جو انهن کي سياسي حقن بابت ڄاڻ ڏني ۽ شھري زندگي جي مامرن ۾ جهموري اصولون ۽ فلسفي کي اوليت وڃي يا وڃي ٿي ته جيئن انهن معاشرن ۾ جهموري ماحول کي پهرين کان هموار ڪري سگهجي.
اهوئي سبب آھي ته اهڙا معاشرا وڏي ڪاميابي سان جهموري نظام کي هلائي رهيا آھن ۽ اتان جا عوام جهموري ادارن کي مستحڪم ڪرڻ ۾ جاکوڙي آھن.جيستائين اسان جي معاشري جو تعلق آھي ته هن جي متعلق هي چئي سگهجي ٿو ته اسان جو معاشرو اڃا به جهموري گهرجن کان خالي آھي ۽ اسان وٽ جهموريت کي سگهارو ڪرڻ ۽ ان کي فروغ ڏيڻ جي لاء ڪڏھن به نه سوچيو ويو آھي۽ جهموريت اسان جي معاشري ۾ ڊرائنگ روم جي ڳاله ٻولھ ٿي پئي آھي.۽ ھر ماڻھو چاهي غريب هجي يا امير آھي اهو جهموريت کي فقط نعري جي طور تي استعمال ڪري ٿو.جيڪڏھن ڪو امير آھي ته هو هي چوندو رهي ٿو اسان جي قوم جهموريت جي لائق ئي ناهي.جڏھن ته غريب عوام کي امير ماڻھن کان اهو ڏک آھي ته هو هر شعبي ۾ انهن جو استحصال ڪن ٿا۽ انهن جي مفادن سان کين جو ڪو واسطو ناهي.
مٿيون ذڪر ته هيو امير ۽ غريب عوام جو جيڪي جهموريت جي متعلق مختلف سوچين ٿا.اهڙي طرح جيڪڏھن اسين سياسي پارٽين جي ڪارڪردگي ۽ روين جو جائزو وٺون ته اهي به اسان کي نهايت مايوس ڏيک ڏين ٿيون.حالانڪ جهموري معاشري ۾ سياسي پارٽيون ڪرنگهي واري حيثيت رکن ٿيون ۽ انهن جي پسليسين ۽ ڊاڪومينٽري سان جهموريت جي ٻوٽي کي پاڻي ملندو آھي .جيڪڏھن انهن جو رويو منفي هجي ته پوء اھو ٻوٽو ڪنهن به وقت سڪي سگهي ٿو.
بدقسمتي سان اسان جي ملڪ ۾ به ماضي جي صورتحال اهڙي رهي آھي ته سياسي پارٽين ۽ اقتدار ڌڻين جو رويو جهموريت جي حوالي سان درست نه رهيو آھي۽ سياسي پارٽين اجتماعي مفادن تي ڪم.ڪرڻ بجاء محض ذاتي مفادن کي اوليت ڏني آھي.هتان جون سياسي پارٽين جهموريت جي آڙ ۾ پنهنجا ته ڀڀ ڀرينديون رهيون آھن.مگر عوام جي رت چوسڻ سان گڏوگڏ سندس ماس ۽ ھڏن کي به ختم.ڪرڻ جي لاء ڏينهن رات هڪ ڪيون پيون آھن..اها آھي اسان وٽ جهموريت جي اصل شڪل ۽ شبيه ؛.جيڪا نه ڄاڻ ھن ملڪ ۾ ڪستائين رهي.ان جي ڪا به پروڙ نٿي پوي ؛؛؛

پهنجو تبصرو موڪليو