مظفرڳڙهه (ويب ڊيسڪ) مظفرڳڙهه جي تعلقي ڪوٽ ادو ۾ ڄاڃين سان ڀريل لوڊر رڪشا واهه ۾ ڪرڻ واري دل ڏکوئيندڙ حادثي ۾ فوت ٿيلن جو انگ وڌي 12 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 3 کان 14 سالن جي عمر جا 6 ٻار اڃا تائين لاپتا آهن، جن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو آپريشن جاري آهي.ريسڪيو اختيارين موجب حادثو 2 ڏينهن اڳ ڪوٽ ادو ۾ پيش آيو، جتي ڄاڃين سان ڀريل لوڊر رڪشا اوچتو واهه ۾ ڪري پيو.حادثي کانپوءِ ريسڪيو ٽيمن فوري طور امدادي ڪارروايون شروع ڪيون، جڏهن ته پاڻي مان وڌيڪ لاش ڪڍڻ ۽ لاپتا ماڻهن جي ڳولا جو سلسلو جاري آهي.ريسڪيو اختيارين جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿيلن ۾ عورتون ۽ ٻار پڻ شامل آهن، جڏهن ته 6 ٻار اڃا تائين گم آهن. لاپتا ٻارن جون عمريون 3 کان 14 سالن جي وچ ۾ ٻڌايون ويون آهن.اختيارين موجب حادثي ۾ فوت ٿيل 4 ڄڻن جي جنازي نماز سندن اباڻي علائقي ۾ ادا ڪئي وئي آهي.افسوسناڪ حادثي کانپوءِ علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانيل آهي، جڏهن ته لاپتا ٻارن جي ڳولا لاءِ ريسڪيو ٽيمن جون ڪارروايون جاري آهن.










