نيلم درياهه تي نئين تعمير ٿيندڙ پل ڪري پئي، 3 مزدور فوت

نيلم درياهه تي نئين تعمير ٿيندڙ پل ڪري پئي، 3 مزدور فوت

مظفر آباد (ويب ڊيسڪ)مظفرآباد جي تحصيل نصيرآباد ۾ نيلم درياهه تي تعمير هيٺ پل ڪرڻ جي نتيجي ۾ 3 مزدور فوت ٿي ويا.نصيرآباد جي تعلقي داڻا ۽ گانڌي ملائڻ لاءِ هڪ زير تعمير ٽاور کي ڳري مشينري نصب ڪيو پيو وڃي ته اوچتو ڪري پيو.پوليس موجب حادثي ۾ 3 مزدور موقعي تي ئي فوت ۽ 3 زخمي ٿي پيا.مارجي ويل ۽ زخمي سڀ مقامي آهن، زخمين کي ويجهي اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو آهي. علائقي واسين حادثي جو ذميوار ٺيڪيدار کي قرار ڏيندي الزام هنيو آهي ته حادثو غفلت ۽ حفاظتي اپاءَ نه هجڻ سبب پيش آيو.

پهنجو تبصرو موڪليو