مطالبن جي مڃتا لاءِ معذورن جو انوکو احتجاج

مطالبن جي مڃتا لاءِ معذورن جو انوکو احتجاج

دادو (عزيزالله خاصخيلي)معذورن پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ هٿن ۾ ماني کڻي انوکو احتجاج ڪيو ويو . ملازمتن ۾ ڪوٽا تي عمل ڪرڻ سميت مختلف مسئلن جي حل لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي غلام سرور چانڊيو توفيق سومرو نواز ڀنڊ ۽ ٻين چيو ته اسان مسلسل ٽن سالن کان وٺي احتجاج ڪري رهيا آھيون پر ڪو به چونڊيل نمائندو يا ڊي سي دادو جي طرفان ڪا اڳڀرائي نه ٿي آھي تازو ٿيل کليل ڪچهري جيڪا صوبائي وزير سيد سردار شاھ وڏي وزير جي خاص معاون وير جي ڪولهي طرفان دادو ضلعي ۾ ڪئي وئي انهي ۾ اسان پنهنجا مسئلا پيش ڪيا سردار شاھ ڊي سي دادو کي هدايت ڪئي ته دادو جي معذورن جا جيڪي  به مسئلا آهن اهي جلد کان جلد حل ڪيا وڃن پر اڃان تائين ڊي سي دادو ڪو به تدارڪ نه ڪيو آھي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو