مشهور فٽنيس ٽرينر رچرڊ سمنز لاڏاڻو ڪري ويو

مشهور فٽنيس ٽرينر رچرڊ سمنز لاڏاڻو ڪري ويو

مشهور آمريڪي فٽنيس شخصيت رچرڊ سيمنز 76 سالن جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.پرڏيهي ميڊيا موجب رچرڊ سيمنز ڇنڇر ڏينهن لاس اينجلس ۾ پنهنجي گهر ۾ مئل حالت ۾ مليو.ميڊيا رپورٽن مطابق رچرڊ سيمنز ڇنڇر جي ڏينهن لاس اينجلس ۾ پنهنجي گهر ۾ مئل حالت ۾ مليو هو ۽ اها خراب خبر سندس سالگرهه جي ٻئي ڏينهن سامهون آئي، جنهن تي سندس مداحن ۾ سوڳ جو اظهار ڪيو پيو وڃي.مقامي انتظاميا پاران ٻڌايو ويو آهي ته رچرڊ جو موت طبعي سبب ٿيو ۽ ان جي قتل جا ڪي به ثبوت نه مليا، جڏهن ته فٽنيس اسٽار هن سال مارچ ۾ پنهنجي چمڙي جي ڪينسر بابت به ٻڌايو هو ته هو علاج کانپوءِ صحتياب ٿي ويو آهي.ميڊيا رپورٽن موجب رچرڊ سمنر 1970ع ۽ 80ع جي ڏهاڪي ۾ پنهنجي ورزش جي وڊيوز سان مشهوري ماڻي، مزاحيه فٽنيس وڊيوز ٺاهي ڪيترن ئي ماڻهن کي وزن گھٽائڻ ۾ مدد ڪئي.

پهنجو تبصرو موڪليو