ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) بئريسٽر مرتضيٰ وهاب کي ڪراچي جو ميئر چونڊجڻ تي سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان پاران مبارڪباد ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو تہ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو ميئر ڪراچي بڻجڻ شهر قائد لاءِ خوش آئند ثابت ٿيندو ڇاڪاڻ تہ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب جو ڪراچي جي ترقي ۾ اهم ڪردار آهي جڏھن تہ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب ميئر ڪراچي چونڊجڻ سان شهر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي جو نظام تمام گهڻو بهتر ٿيندو، ھنن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ بئريسٽر مرتضيٰ وهاب پاران بطور ايڊمنسٽريٽر ڪراچي پنهنجا فرائض بهتر نموني سرانجام ڏنا.










