تحرير طفيل مگسي
دنيا تي پنهنجي حاڪميت کي برقرار رکڻ جي لاءِ امريڪا هاٿي مختلف بهانن سان وقت به وقت پاڻ کن هيڻي يا پاسيرن ملڪن تي پنهنجا نادرشاھي فيصلا مڙھيندو رهيو آھي. تازو هن حاڪم نادر شاھي فيصلو جاري ڪيو آھي مذھبي آزادي جي اوٽ ۾ ھن ڪيترن ئي ملڪن کي پنهنجي نادرشاھي سوچ جو نشانو بڻايو آھي. جنهن ۾ چين.سعودي عرب.۽ پاڪستان شامل آھن.نه صرف اهو بلڪ هن پهريون ڀيرو نائيجيريا کي به شامل ڪيو آھي.جنهن جي ڪري اڳتي هلي ٿي سگهي ٿو ته اهي ملڪ مستقبل ۾ امريڪا جي پابندين جو شڪار ٿي وڃن.امريڪا جنهن گذريل سيپٽمبر ۾ مذھبي آزادي جي حوالي سان پهريون ڀيرو نائيجيريا کي به ناهي بخشيو. باوجود ان جي حيرت هن ڳالھ تي آھي ته هن هندستان جهڙي ڪٽر مذھبي ملڪ کي انهيء فهرست ۾ شامل ناهي ڪيو.جتي مذھبي آزادي اڄڪلهه هڪ سنگين حل طلب مسئلو آھي.امريڪي وزير خارجا مائيڪ پومپيو جو چوڻ آھي ته مغربي افريقي ملڪ نائيجيريا به انهن ملڪن منجهان هڪ آھي جتي 1998ع جي بين الاقوامي مذھبي آزادي جي ايڪٽ جي مطابق ڳڻتي جوڳي حالت آھي.چٽو رهي ته نائيجيريا امريڪا جو اتحادي ملڪ آھي.مائيڪ پومپيو پنهنجي ٽوئٽ ۾ چيو“امريڪا مذھبي آزادي جي رستي تي ثابت قدم آھي.ڪنهن به ملڪ يا اداري کي عقيدن جي بنياد تي ماڻھن مٿان ظلم يا جبر ڪرڻ جي هرگز اجازت نٿي ڏئي سگهجي.هن جو چوڻ ته اسان اڄ به انهيء ڳالهه تي قائم آھيون ته جتي به مذھبي آزادي تي حملو ٿيندو. اسان ان جي خلاف سخت ڪاروائي ڪنداسين. امريڪي قانونن جي مطابق جن ملڪن کي مذھبي آزادي جي لاء بليڪ لسٽ ڪيو ويو آھي.انهن کي بهتر ڪرڻ جي سخت ضرورت آھي.امريڪا اهڙن ملڪن تي دٻاء وجهڻ سان گڏوگڏ امريڪي امداد به ختم ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن تي معاشي پابنديون به مڙھي سگهجن ٿيون.حالانڪ امريڪي انتظاميا جڏھن به چاهي انهن پابندين کي ختم به ڪري سگهي ٿي.امريڪي وزارت خارجه جو اهو به چوڻ آھي ته هن پنهنجي رپورٽ ۾ ڏٺو آھي ته دنيا ۾ 10منجهان 8 فردن کي مذھبي پابندين جي تڪليف سهڻي پوي ٿي. وزير خارجه جي بيان جي مطابق “جتي به مذھبي آزادي نٿي ڏني وڃي.اتي دهشتگردي ۽ تشدد پلجي ٿو.اسان ٻاھرين ملڪن ۾ مذھبي برادرين جي آزادي جي لاء جيڪا وڪالت ڪريون ٿا.ان کان امريڪي شھرين جي تحفظ ۽ ان جي خوشحالي کي يقيني بنائڻ ۾ مدد ملي ٿي.واشنگٽن ۾ ھڪ پارٽي کي خطاب ڪندي پومپيو چيو“مذھبي آزادي اسان جي پهرين اوليت آھي.جڏھن اسان منجهان هر شخص آزادي سان عبادت ڪري سگهي ۽ روح جي ابدي سوال تي کلي ڪري ڳالهائي سگهي.تڏھن اسان سمجهي سگهون ٿا ته انفرادي يا پوء اجتماعي طور تي اسان کي زندگي ڪهڙي امر آھي“امريڪا مذھبي آزادي جي حوالي سان جن ملڪن کي بليڪ لسٽ ڪيو آھي.انهن ۾ برما.چين.نائيجيريا.ايران .پاڪستان .سعودي عرب .تاجسڪتان ۽ ترڪمانستان جھڙا ملڪ شامل آھن.ليڪن اطمينان جي ڳالهه اها آھي ته ان فهرست مان هندستان جو نالو خارج آھي.جيتوڻيڪ اڄ ڪلهه مذھبي آزادي هندستان ۾ وڏو مسئلو آھي.سياسي تجزيي نگارن جي مطابق هندستان ۾ حڪمران سخت گير جماعت بي جي پي تي تنقيد ڪرڻ وارن جو چوڻ آھي ته جڏھن کان مودي حڪومت اقتدار ۾ آئي آھي.تڏھن کان مذھبي آزادي ۾ ڏاڍي سختي آئي آھي.ليڪن هلندڙ سالن ۾ ھندستان ۽ امريڪا جي وچ ۾ رابطا ڳوڙھا ٿي چڪا آھن.ٽرمپ انتظاميا خاص طور تي هندستان ۾ وڌندڙ مذھبي ڏڦيڙ کي نظر انداز ڪيو آھي.ڇاڪاڻ ته هندستان هن وقت مڪمل طور تي امريڪا جو نئون کاٽو پٽ اسرائيل بڻيل آھي.جتي امريڪا کي خرابي نظر ايندي به نٿي نظر اچي.










